ڀٽائيءَ کي سؤلو سمجھائيندڙ سنگِيتڪار: استاد نياز حسين

تحرير: ياسر قاضي

ٽي ڏينهن اڳ، 7 فيبروريءَ تي، سنڌ جي سهڻي سنگيتڪارَ ۽ گواليار گھراڻي جي چشم و چراغ استاد نياز حسين جي 33هين ورسيءَ جو ڏهاڙو گذريو. اُن ڏينهن کان اڄ تائين منهنجي ذهن جي وادين ۾ نه رڳو علڻ فقير جي ڪنهن به وائيءَ جُھونگارڻ کان اڳ يڪتاري جِي تُڻ تُڻ تي سندس ”الله هُو… هُو…“ جو روايتي آلاپُ (جيڪو نياز حسين جِي اخترا هو) گُونجندو رهيو آهي، بلڪه عابده پروين جو ڳايل حڪيم ناصر جو غزل ”جب سي تُو ني مجھي ديوانه بنا رکا هي…“، ابنِ انشا جو غزل ”ڪل چوڌوين ڪي رات ٿي، شب ڀر رها چرچا تيرا…“ وحيد عليءَ جي آواز ۾ ڀٽائيءَ جِي وائي ”رات عمرَ مُون خوابَ ۾…“ سميت نه ڄاڻ ڪيترا موسيقيءَ جا اسمَ من ۾ هُرڻَ لڳا آهن، جيڪي استاد نياز جي تخليقي امرتا جو دليل آهن. تنهنڪري نياز حسين پنهنجو پاڻ اڄ جي سخن جو عنوان بڻجي ويو.

استاد نياز حسين 24 جنوري 1936ع تي ڪراچيءَ ۾ استاد محمّد ابراهيم قريشيءَ جي گھر ۾ اک کولي، جيڪو هند سنڌ ۾ ”استاد  بِيبو خان“ جي نالي سان مشهور هو. نياز حسين قرآن پاڪ امام الدين خان وٽ پڙهيو، جڏهن ته رسمي تعليم جي ميدان ۾ ابتدائي تعليم حيدرآباد مان حاصل ڪري، الفاروق مسلم پرائمري اسڪول کاهي روڊ حيدرآباد مان سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪيائين. اسڪول اندر کيس ابنِ الياس سومري، محمد نواز اعواڻ ۽ جان محمد جماليءَ جهڙن مثالي استادن ۽ تعليمي سُونهَنِ جي رهنمائي حاصل رهي. جڏهن ته سنگيت ــ سکيا لاءِ سندس گھر ۾ ئي استاد بِيبي خان جهڙو گُڻِي ڪلاڪار موجود هو، جنهن کان هن موسيقيءَ جا داءَ پيچَ سکيا. ان کانسواءِ سنگيت ۾ هن استاد مبارڪ علي خان جي شاگرديءَ ۾ پڻ مهارت جُون منزلون طئي ڪيون. اها سنڌ جي لڳ ڀڳ سمورن سنگيت پريمين کي خبر آهي ته استاد نياز مغربي موسيقيءَ جي به بنيادي تربيت حاصل ڪئي هئي، جنهن ۾ سندس استاد محمّد عثمان هو. سنگيت جي انهن سمورين صنفن کانسواءِ ”شاهه جو راڳ“ هڪ الڳ مڪتبِ فڪر آهي، جنهن جا قانون به ڌار آهن ۽ انهن راڳن جي بيهڪ توڙي پرفارمنس جو انداز به الڳ آهي. شاهه سائينءَ جي ڪلام جي ڪمپوزيشن لاءِ استاد نيازَ، شاهه جي راڳ کي سمجھڻ لاءِ ان جِي باقاعدي تربيت به ضروري سمجھي ۽ ان ڏس ۾ سيّد غلام شاهه کي پنهنجو استاد بڻايائين.

1955ع ۾ حيدرآباد ۾ ريڊيو اسٽيشن قائم ٿي ته نياز حسين جو اُن سان شروع کان ئي ناتو جُڙيو، جيڪو سندس وفات تائين لڳ ڀڳ 38 سال جاري رهيو، جڏهن ته ٽيليويزن سان استاد جي وابستگي 1964ع ۾ تڏهن شروع ٿي، جڏهن ڪراچيءَ ۾ ٽي وي سينٽر قائم ٿيو. اها وابستگي 1984ع تائين لاڳيتي جاري رهي. ڪمپوزر طور ٽيليويزن تي سندس ريڪارڊ ڪرايل آخري پروگرام بيدل مسرور جي پيشڪش ۾ ”سُر جو سفر“ هو، جيڪو 1990ع ۾ نشر ٿيو. هُن ريڊيي تي جن پروڊيوسرن جي پروگرامن توڙي پيش ڪيل گيتن ۾ موسيقي ڏني، تن ۾ خواجه امداد علي، غلام حسين شيخ، جهانگير قريشي، ارشاد اعواڻ، نصير مرزا، گل حسن قريشي، رابعيه سعيد ۽ ٻيا شامل آهن، جڏهن ته ٽيليويزن تي هن بيدل مسرور، اعجاز عليم عقيليءَ وغيره سان گڏ ڪم ڪيو. ريڊيي ۽ ٽي ويءَ کانسواءِ هن 50 کان مٿي ڪمرشل آڊيو ڪيسيٽس ۾ پڻ ڪئين فنڪارن جي ريڪارڊ ٿيل گيتن لاءِ پنهنجي موسيقي ڏني.

ريڊيو پاڪستان حيدرآباد سان استاد نياز جو هڪ خاص تعلق رهيو، جنهن کي سندس ”ٻيو گھر“ چئجي ته وڌاءُ ڪونه ٿيندو. ريڊيي حيدرآباد تان نياز صاحب جي ڪمپوزيشن ۾ مختلف وقتن تي نشر ٿيندڙ خاص سلسليوار پروگرامن ۾ ”ريڊيو ميوزڪ اسڪول“، ”ساڻيهه جا سينگارَ“، ”راڳ پهيلي“، گيتن ڀريُون ڪهاڻيون ۽ ٻيا ڪئين پروگرام شامل آهن. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي صوتي لائبريريءَ ۾ استاد نياز حسين جا ڪمپوز ڪيل موجود اڍائي هزارن  (2500) کان مٿي موسيقيءَ جا اسمَ سندس غير معمولي فنڪاراڻي صلاحيت جو پاڻ ڳالهائيندڙ ثبوت آهن. ريڊيي توڙي ٽي ويءَ لاءِ نياز احمد حمد، نعت، سوز و سلام، نوحن، مرثين، منقبتن، ڀَڄنن کان وٺي، ڪلاسيڪي، نيم ڪلاسيڪي راڳ، ڪافين، گيتن، غزلن، نظمن،آزاد نظمن، هائيڪن، موري، لوڪ گيتن، مزاحيه گيتن، سدارنگي ڪلام، زرعي نغمن، وطن جي گيتن، ٻارن جي گيتن توڙي تشهيري نغمن (ڪمرشل جِنگلس) سميت لڳ ڀڳ هر صنف جِي ڪمپوزيشن ڪري پنهنجو پاڻ کي هڪ آل رائونڊر سنگيتڪار ثابت ڪري ڏيکاريو. جنهن جو ڪم ڪڏهن به نظر انداز نٿو ڪري سگھجي. چيو وڃي ٿو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي وائيءَ کي پهريون دفعو صحيح مفهوم ۽ صاف اچار (تلفّظ) سان ڪمپوز ڪري سمجھڻ لائق ۽ سؤلو بڻائڻ توڙي سندس پيغام کي عام ڪرڻ ۾ نياز حسين جو انتهائي اهم ڪردار رهيو آهي.

ريڊيي شروع ٿيڻ کان اڳ، 1950ع ڌاري، نياز حسين، کاهي روڊ حيدرآباد تي ”سنڌ ميوزڪ ڪاليج“ نالي سنگيت جي سکيا جو هڪ ادارو قائم ڪيو، جنهن ۾ نه رڳو سنگيت جي سکيا ڏني ويندي هئي، پر ان پاران مختلف سنگيت منڊليُون ۽ اسٽيج ناٽڪ پڻ پيش ڪيا ويندا هئا، يعني موسيقيءَ جو اهو ادارو ثقافتي سرگرمين جو پڻ مرڪز هو. ان اداري پاران 1956ع کان 1962ع تائين جي وچ ۾ ”جشنِ بهار“، ”سسئي پنهون“، ”غدار ليڊر“ ۽ ”هم سب ايڪ هين“ (اردو) جهڙا يادگار اسٽيج تماشا پيش ڪيا ويا، جيڪي حيدرآباد جي شهرين بي حساب پسند ڪيا. ان ۾ به سنگيت نياز حسين پاڻ ئي ڏنو. اڳتي هلي 1981ع ۾ جڏهن سنڌي ناٽڪ جي صدِي (1881ع ــ 1981ع) ملهائي وئي، ته ان تحت پيش ڪيل ڇهن اسٽيج ڊرامن جو پسِ پرده سنگيت (بيڪ گرائُونڊ ميُوزڪ) به استاد نياز حسين ترتيب ڏنو، جن ناٽڪن ۾”ليلى مجنون“، ”انڪوائري آفيسر“ (ليکڪ: مرزا قليچ بيگ)، ”ٽِي پارٽِي“، ”زمينداري ظلم“، ”شاهدي“ ۽ ”تماشو“ شامل هئا.

نياز حسين جي پسند جا راڳ راڳڻيُون، مالڪونس، ڀوپالي، راڻو، سينڌڙو، تِلنگ، ڀيروين، لوڙائُو، ميان ڪِي ٽوڙي ۽ ايمن هئا. هُو انهن راڳن ۾ ڪافيون، ڪلامَ توڙي گيتَ ڪمپوز ڪرڻ کي ترجيح ڏيندو هو. سنگيت جي سازن ۾ هارمونيم ته مُک ساز آهي، جنهن کانسواءِ سنگيت سِکڻ يا تخليق ڪرڻ لڳ ڀڳ ناممڪن آهي. هارمونيم جِي وڄت جو ته نياز صاحب خاص ماهر هو، پر ان کانسواءِ کيس وائلن، اڪارڊين، بينجو، ستار، گٽار، وچتر وِينا ۽ پيانو وغيره پڻ مهارت سان وڄائڻ ايندا هئا. سنڌي سنگيت جي دنيا ۾ نياز حسين، وحيد عليءَ، علڻ  فقير، مائي ڀاڳيءَ، نُوربانو، فوزيه سومرو، زرينه بلوچ، بشارت علي شاهه ۽ سحرش ميمڻ جهڙن راڳين کي متعارف ڪرايو، جڏهن ته جمال صديقي، سي برنالڊ بيبي، شازيه خشڪ، پريوش ڀٽو، باري ابڙو، غلام قادر ڏاوچ، شيرل نيڪ بروري، سليم نوشاد، عبدالرشيد، سحرش ميمڻ، شفيق احمد، رحيم بخش سومرو، رجب علي، ذوالفقارعلي، نذر حسين، مظهر حسين، امانت علي، محمود علي، محمد اشرف گوڏروالا (نعت خوان)، عبدالغفار ولد حاجي اسماعيل ميمڻ (نعت خوان) سنوان سِڌا سندس شاگرديءَ جي سڳي ۾ آيا. استاد محمّد يُوسف پڻ نياز حسين کي پنهنجو استاد تسليم ڪندو هو.

نياز حسين 12 مئي 1962ع تي شادي ڪئي. کيس چئن پُٽن (ذوالفقارعلي، نذر حسين، مظهر حسين ۽ امانت عليءَ) سان گڏ هڪ نياڻي (جيئا) جو اولاد ٿيو. سندس وَڏوَر پُٽُ ڊاڪٽر ذوالفقار علي قريشي نه رڳو سنڌ جو ناميارو راڳي، ڪمپوزر ۽ ميوزيڪالاجسٽ آهي، بلڪه کيس سنگيت جي علمَ (ميُوزيڪالاجيءَ) ۾ سنڌ جي پهرين ’پِي ايڇ ڊي‘ هجڻ جو اعزاز به حاصل آهي. جنهنجو ننڍو ڀاءُ مظهر حسين پڻ ڪمال جو راڳي آهي. انهن ٻنهي راڳي ڀائرن جي جوڙِي به سنڌ ۾ ايئن مشهور آهي، جيئن هن خِطي ۾ ’استاد سلامت علي خان ــ استاد نزاڪت علي خان‘ يا ’استاد امانت علي خان ــ استاد فتح علي خان‘ جِي ٻيلهَه مشهور رهي آهي. ذوالفقار علي ۽ مظهر حسين جي جوڙِي خاص طور ڀٽائيءَ جي ڪلام کي نِت نيُن ڪمپوز ڪيل ڌُنن ۾ ڳائڻ جي حوالي سان پنهنجو خاص نالو ۽ مقام رکي ٿي، جن جي سنگيت جي تخليق ۾ ساڻن مُک ٻانهن ٻيلي سندن وچون ڀاءُ ميان نذر حسين رهندو آهي، جيڪو عابده پروين کان وٺي سنڌ جي جونيئر ترين راڳين تائين ڪيترن ئي ڪلاڪارن لاءِ موسيقي تخليق ڪندو رهي ٿو.

سنڌ جي هن يگاني ۽ گھڻ رُخي موسيقارَ، استاد نياز حسينَ، 56 ورهن جي مختصر ڄمار ماڻي، 7 فيبروري 1992ع تي حيدرآباد ۾ هي جهان ڇڏيو ۽ حيدرآباد ۾ ئي ٽنڊي يُوسف جي قديمي قبرستان ۾ ڌرتيءَ ماءُ جي هنجَ ۾ وڃي ابدي آرامي ٿيو ۽ پنهنجي پويان ڇڏي ويو پنهنجي تخليق ڪيل حَسِين ۽ لافاني ڌُنيُن جو هڪ اڻ کُٽ جهان… جيڪو ايندڙ زمانن تائين سنگيت پريمين جي رُوح جي غذا جو سامان بڻيل رهندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.