چين جي ”ميڊ ان چائنا 2025 “ رٿا ڇا آھي ؟

چين جي مصنوعي ذهانت واري چيٽ بوٽ، ڊيپ سيڪ دنيا کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو آهي، پر چين تي نظر رکندڙن لاءِ اها ڪا عجيب ڳالھھ نه آهي.  10 سالن کان، چين اھستي آھستي ھٿرادو ذاھنت سميت ھاءِ ٽيڪ پئداوار ۾ پنھنجي مھارت ۾ اصافو ڪيو جيڪو سندس "ميڊ ان چائنا 2025” پلان جو حصو آھي. ماھرن موجب ڊيپ سيڪ  ان جو هڪ مثال آهي. چيني حڪومت 2015 ۾ وڏي شان سان ‘ميڊ ان چائنا 2025’ منصوبي جو اعلان ڪيو ھو.جنھن جو مقصد چين جي شين تي لکيل ”ميڊ ان چائنھ“ بابت غير معياري تصور کي اعليٰ معيار ۽ اعليٰ ٽيڪنالاجي جي علامت ۾ تبديل ڪرڻ ھو.

اھو منصوبو ڪيتري حد تائين ڪامياب ٿيو. 10 سال اڳ  چين 2025 تائين 10 ٽيڪنالاجيز جي چونڊيو ڪئي ۽ انھن ۾ اڳيان نڪرڻ جو ھدف مقرر ڪيو.جنھن ۾ مصنوعي ذهانت، ڪوانٽم ڪمپيوٽنگ، اليڪٽرانڪ ڪارون، متبادل توانائي ۽ بيٽري ٽيڪنالاجي جهڙا شعبا شامل هئا. جن مان اڪثر شعبن ۾ چين هڪ نمايان حيثيت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي ۽ ڪجهه شعبن ۾ تھ چين  ڏکيا ھدف بھ حاصل ڪري ورتا آهن.

چين ڪار انڊسٽري ۾ جرمني، جپان ۽ آمريڪا کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ ڪارون وڪرو ڪري رهيو آهي..جنھن ۾ بي واءِ ڊي مڪينزم جو اھم ڪردار آھي. اليڪٽرڪ ڪارن جي ڪاميابي ۾ بھ چين جو وڏو ھٿ آھي. جيڪو  دنيا ۾ سڀ کان وڏو بيٽري ٺاھيندڙ بڻجي چڪو آهي.انٽرنيشنل انرجي ايجنسي (IEA) مطابق چين  80 کان 95 سيڪڙو سولر پينلز دنيا ۾ سپلاءِ ڪري رھيو آھي.

ماھرن موجب چين متبادل توانائي جو هڪ پاور هائوس آهي ۽  2028 تائين، دنيا جي متبادل توانائي جي پيداوار جو 69 سيڪڙو چين ۾ هوندو.چين ڊرون ٽيڪنالاجي ۾ بھ  اڳيان  آهي. پنهنجن  ھدفن  لاءِ، چين جي ڪميونسٽ پارٽي هڪ جامع منصوبي ۾ 250 کان وڌيڪ ننڍا مقصد مقرر ڪيا آھن.جنھن ۾ 86 سيڪڙو ڪاميابي ملي آھي.

‘ميڊ ان چائنا 2025’ منصوبو ايترو ڪامياب ٿيو جو ڪجهه سالن کان   حڪومت  اھو اصطلاح استعمال ڪرڻ بند ڪري ڇڏيو ڇاڪاڻ ته  حريف ان تي چِڙن ٿا.جيتوڻيڪ ان م دير ٿي چڪي هئي ۽ ڪجھ  سالن ۾ ڪيترن ئي اولھ  ملڪن چين تي پنهنجي ٽيڪنالوجي جي برآمد تي پابنديون وڌائي ڇڏيون آهن.پابندين جو مقصد  مائيڪرو چپ ذريعي دنيا ۾ جدت آڻيندڙ منصوبن جي رفتار کي سست ڪرڻ هو. ماھرن موجب ڪجهه شعبن ۾ اهڙين پابندين چين کي اڳتي وڌڻ لاءِ وڌيڪ همٿايو آهي.پاڻڀرو ٿيڻ ئي ان منصوبي  ‘ميڊ ان چائنا 2025’  منصوبي شروع ڪرڻ جو اصل  سبب ھو.

آمريڪا ڪوانٽم ڪمپيوٽنگ جي گھڻن ئي شعبن ۾ اڳتي آهي. ان جي باوجود ته چيني سائنسدان هر سال ڪنهن به ٻئي ملڪ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڪوانٽم سان لاڳاپيل تحقيقي مقالا شايع ڪندا آهن. آمريڪا پڻ چيني چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳتي وڌي رهيو آهي. آمريڪا ۾ ان ٽيڪنالوجي جي بنيادي ڍانچي ۾ تبديلي لاءِ  سرڪاري ۽ نجي ادارا اربين ڊالرز خرچ ڪري رھيا آھن.

چين لاءِ هڪ ٻيو امڪاني چئلينج قومي سلامتي جي خدشن کي منهن ڏيڻ آهي.ٽڪ ٽاڪ جي ڪاميابيکي آمريڪا هاڻي پاڻ لاءِ خطرو محسوس ڪري ٿو.ان پليٽ فارم کي قومي سلامتي جي لحاظ کان شڪ جي نظر سان ڏسي ٿو ۽  مٿس جاسوسي جو الزام ھڻي ٿو. جنھن ڪري ان پليٽ فارم تي پابندي جو خطرو موجود آهي.

بھرحال ان کي سمجھڻ لاءِ صرف چيني ٽيليڪام ڪمپني هواوي کي ڏسڻو پوندو ،جنھن مان اھو ثابت ٿي رھيو آھي تھ  ڪاميابي جو تصور اولھھ کانسواءِ  پڻ ممڪن آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.