سماجي تنظيم ”منهنجا مارو ملير جا“

تحرير: جميل چانڊيو

سماجي تنظيم ”منھنجا مارو ملير جا“ جي نون چونڊيل عهديدارن جي قسم کڻڻ واري تقريب بروز آچر بمطابق 09.02.2025 تي ستاره لان گلشن حديد ڪراچي ۾ منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ مھمان خاص ابراهيم حيدري ٽائون جي چيئرمين نذير احمد ڀٽو، سنڌ انڊيجينئس رائٽس الائنس جي مرڪزي صدر اعزازي ممھمان سيد خدا ڏنو شاھ ، اعزازي مھمان اسٽيل مل جو اڳوڻو جنرل مئنيجر رٽائرڊ سائين محمد عيسيٰ پنهور ، گڏاپ ٽائون جي پارليماني ليڊر مير عباس ٽالپر ، پيپلز ليبر بيورو ضلع ملير جو صدر ڌڻي بخش سمون ، يوسي اسٽيل ٽائون جو چيئرمين غلام رضا جتوئي ، وائيس چيئرمين امن الدين جوکيو ، اڳوڻو ضلع ڪائونسل ميمبر آغا طارق پٺاڻ ، ملير پريس ڪلب جي صدر حنيف سومرو ، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ضلع ملير جو صدر منظور ابڙو ، سنڌي ادبي سنگت جي اصغر باغي ،سنڌ ملاح فورم جو مرڪزي اڳواڻ محمد شريف ميراڻي ،سچوا جي اڳواڻ صفدر چانڊيو ،ميمڻ برادري ملير جو اڳواڻ صحافي ظھير ميمڻ ،شيخ برادري جو صدر ايڊوڪيٽ صدرالدين شيخ ،کوکر ويلفيئر ايسوسيشن اڳوڻو ڪائونسلر بخشل کوکر ،سومرا ويلفيئر جو اڳواڻ سينئر صحافي حق نواز سومرو ۽ ٻين معززن شرڪت ڪئي جڏھن ته  چيف اليڪشن ڪمشنر ڊاڪٽر نظير احمد پنهور ، اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن آغا شير گل سرڪي ، علي نواز سومرو ، آرگنائيزنگ ڪميٽي جي ميمبرن، تنظيم جي چونڊيل عھديدارن  نائب صدر بخشيل سيال ،جوائنٽ سيڪريٽري سجاد شاھ خزانچي سجاد علي شيخ ،انفارميشن سيڪريٽري فدا حسين شيخ ،آفيس سيڪريٽري عبسالستار مھر ۽ ايگزيڪٽو ڪميٽي جي ميمبرن عبدالرسول بلالي ،فيض خاصخيلي ،عبدالستار ابڙو ،منير قاضي ،شبير لاکو ۽ معزز ميمبرن ۽ علائقي جي  معززين سرڪي برادرس پرويز گل سرڪي ،فدا گل سرڪي پڻ شرڪت ڪئي.

پروگرام جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪئي وئي جنهن جي سعادت محمد اسلم منگي  حاصل ڪئي ان کانپوءِ شبير لاکو لطيف جي وائي ٻڌائي ويٺل مهمانن کي جهومائي ڇڏيو.

شروعاتي طور اليڪشن ڪميشن جي ميمبر آغا شير گل سرڪي  آيل سڀني مهمانن کي تفصيلي بريفنگ ڏني جنهن کانپوءِ اليڪشن ڪمشنر ڊاڪٽر نذير احمد پنهور  چونڊيل عهديدارن کان وفاداري وارو قسم کڻايو. تنظيم جي وائيس پريذيڊنٽ بخشيل سيال آيل مهمانن کي ڀليڪار ڪيو.

تنظيم جي صدر عرفان عباسي  ۽ جنرل سيڪريٽري سيد شبير احمد شاھ  تنظيم جي بنيادي نقطن تي تفصيلي بريفنگ ڏني ته آيل معزز مهمانن پنهنجين تقريرن ۾ تنظيم سان سهڪار ڪرڻ جي خاطري ڏياريندي شروعاتي ڪم جي واکاڻ ڪندي اُميد ظاهر ڪئي ته هي سماجي تنظيم ”منهنجا مارو ملير جا“ ملير جي ماروئڙن جي بهتر نموني ترجماني ڪندي. آخر ۾ منهنجا مارو ملير جا، جي گيت تي خوشيءَ مان ڪافي سڄڻن جهمريون هڻي ماحول گرمائي لطف ماڻيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.