اڳي ٻڌندا ۽ پڙهندا هئاسين ته فلاڻي هنڌ پوليس ڇاپو هڻي هيترا جوا رهندڙ همراهه گرفتار ڪري ورتا ڇو جو هن ملڪ جي قانون ۾ جوا رهڻ يا جوا جا اڏا قائم ڪرڻ ڏوهه آهي ۽ پوليس کي انهن جوارين ۽ جوا جي اڏن خلاف ڪارروائي جو اختيار ڏنو ويو آهي، ڪجهه سال پهرين تقريبن هر روز اخبارن ۾ پڙهندا هئاسين ته فلاڻي جوا جي اڏي تي ڇاپو لڳو وغيره، پر ڪافي سالن کان اهڙي قسم جون خبرون اچڻ بند ٿي ويون آهن، ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ خبر اچي ٿي نه ته تقريبن اهي خبرون ناهن اينديون.
ڇا اوهان ڪڏهن ائين سوچيو آهي ته آخر ائين ڇو آهي؟ ڇا ماڻهن جوا جا اڏا بند ڪري ڇڏيا آهن يا وري ماڻهن جوا رهڻ ئي ڇڏي ڏني آهي، پر حقيقت اها ته جيئن ٽيڪنالاجي ڏينهون ڏينهن ترقي جون منزلون تمام وڏي رفتار سان طئي ڪري رهي آهي تيئن ٺڳيون به آن لائن ٿي رهيون آهن ۽ ڪيترائي نوجوان آن لائن ٺڳن جي هٿان ڦرجي پنهنجو سڀ ڪجهه وڃائي چڪا آهن.
جوا جي اڏن يا جوا جي ڳالهه ڪجي ته هاڻ جوا جي اڏن جي جڳهن تي آن لائن جوا جا اڏا قائم ڪيا ويا آهن جيڪي پلي اسٽور يا گوگل تان آرام سان ڊائونلوڊ ڪري سگهجن ٿا، بيٽ ون Beet Win, ون پي ڪي آر Win PKR, ,ايڪس پي 786 XP دولت بيٽ Doolat Beet نالي سميت اهڙا ڪيترائي سافٽ ويئر آهن جن تي آن لائن جوا کيڏي ويندي آهي پر حيرت جي ڳالهه آهي ته اسان جا ادارا خاص ڪري سائبر ڪرائيم سيل به انهن تي ڪنٽرول ناهي ڪري سگهيو، ۽ نه ئي وري پاڪستان ۾ اهڙن سافٽ ويئر هلائي ٻنهي هٿن سان ڦريندڙن خلاف ڪا ڪاروائي ٿي سگهي آهي، مون مٿيان جيڪي به سافٽ ويئر بيان ڪيا آهن اهي سڀ آن لائن ڪم ڪندا آهن، جن ۾ هڪ سئو روپئي کان ويندي لکن تائين پئسا موبائل، بئنڪ اڪائونٽن مان ٽرانسفر ڪري جوا ڪري سگهجي ٿي ۽ انهن سافٽ ويئرن جي پبلسٽي به فيس بڪ سميت مختلف سوشل ميڊيا سائٽس تي ڪئي ويندي آهي ۽ انهن اشتهارن ۾ ڪروڙ پتي ٿيڻ جون اهڙيون ته لالچون ڏنيون وينديون آهن جو ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ مڪمل طرح ان جي سحر ۾ وٺجي ويندو آهي ۽ پهرين هڪ سئو روپين ان آن لائن جوا ۾ انويسٽ ڪندو آهي ۽ اهو سافٽ ويئر اونر پهريون دفعو جوا رهندڙ ان انسان کي ڦاسائڻ ۽ لالچ ڏيارڻ لاءِ هڪ سئو روپئي مان هڪ هزار جو ڄاڻي واڻي فائدو ڏيندو آهي ۽ جوا کيڏندڙ اهو انسان خوشي خوشي ۽ اهو سوچي وڌيڪ پئسا لڳائيندو آهي.
آئون هڪ ٻي ڳالهه به اوهان کي ٻڌائيندي هلان ته اهو سافٽ ويئر انسٽال ڪرڻ کانپوءِ هو لاگن ۽ سائن اپ جا آپشن ڏيندو آهي ۽ فيس بڪ، جي ميل، انسٽاگرام، نمبر ذريعي به سائن ان ٿي سگهجي ٿو، مطلب ته ڦرڻ جو طريقو به اهڙو آسان رکيو ويو آهي جو ڪنهن کي به ڪا ڏکيائي نه ٿئي، منهنجي شهر چمبڙ ۽ آسپاس جا ڪافي ماڻهو ان آن لائن جوا ذريعي لکين روپيا وڃائي چڪا آهن ۽ اڃان تائين وڃائي رهيا آهن، جلدي ڪروڙ پتي ٿيڻ جا خواب ۽ هڪ سئو روپين ۾ شروعات ۾ هزارين روپيا ملڻ سان نوجوان سمجهندا آهن ته ها واقعي هن ۾ ڪا به ٺڳي/فراڊ ناهي، ۽ انهي جوا کي آن لائن گيم به سڏيندا آهن، تازو ئي پاڙيسري ملڪ هندوستان جي پنجاب صوبي ۾ هڪ شخص آن لائن جوا / گيم ۾ ڦاسي لکين روپيا هارائي ڇڏيا ۽ جڏهن والد منع ڪئي ته ان کي ماري ڇڏيو ۽ پوليس کي اهو ٻڌايو ته گهر ۾ گهڙي اچي ڦورن ان کي ماريو آهي پر پوليس جيئن ان معاملي جي انڪوائري ڪئي ته اهو راز فاش ٿيو ته والد کي پنهنجي پٽ ئي قتل ڪيو آهي، ۽ ان کانپوءِ ڪڙي مٿان ڪڙي کلندي وئي ۽ آخر پوليس انهي گينگ تائين پهتي جيڪي سافٽ ويئرن وسيلي آن لائن جوا جي وسيلي عوام کي ڦري رهيا هئا، ۽ گرفتاري کانپوءِ انهن اهو به اعتراف ڪيو ته ڪجهه مهينن اندر انهن آن لائن سافٽ ويئر، ايپس وسيلي هڪ ارب 90 ڪروڙ روپين جو فراڊ ڪري چڪا آهن، ۽ نيٺ اها سموري گينگ گرفتار ٿي، ۽ اهي ايپس بند ڪيون ويون ۽ اعلان ڪيا ويا ته اهي ايپس فراڊ آهن ڪو به انهن ۾ پئسا نه لڳائي.
اهو ته هو پاڙيسري ملڪ هندوستان پر اسان جي ملڪ ۾ اوهان جيئن فيس بڪ کوليندا ۽ استعمال ڪندي ڪندي اهڙين سوين ايپس جا اشتهار سامهون اچي ويندا آئون چوان ٿي ته جيڪڏهن انهن سافٽ ويئر ايپس هلائيندڙن خلاف ڪاروائي ٿئي ته اربين نه پر کربين روپين جا فراڊ سامهون ايندا، پر اسان جي ايف آئي اي ۽ سائبر ڪرائيم سيل طرفان انهن آن لائن جوا هلائيندڙن خلاف ڪا هڪ به ڪاروائي عمل ۾ ناهي اچي سگهي. ۽ انهن ڪارروائي نه ٿيڻ ڪري به ڪافي ماڻهو اڃان تائين ڦرجي رهيا آهن ۽ هر روز اربين روپين جو فراڊ ٿي رهيو آهي.
منهنجي علائقي جي هڪ خوشحال فيملي سان تعلق رکندڙ ۽ ڪاروباري شخصيت مونکي ٻڌايو ته منهنجو پٽ ان آن لائن جوا /گيم جي چڪر ۾ اچي تقريبن 9 کان ڏهه لک روپيا وڃائي چڪو آهي، مون جڏهن پنهنجي پٽ کان ان جي باري ۾ پڇا ڪئي ته پهرين ته هو ڪجهه ٻڌائڻ لاءِ تيار نه هو پر نيٺ سختي ڪرڻ کانپوءِ ٻڌايائين ته مون شروعات ۾ ان جوا ۾ 10 هزار روپيا لڳايا ۽ ان ڏهه هزار روپين مان مون ان ايپس ۾ انويٽر نالي هڪ جوا رهيس جنهن ۾ مون تقريبن هڪ لک روپيا کٽيا ۽ اهي وٿ ڊرا ڪيم مطلب ڪڍرايم ائين ڪڏهن کٽيندو رهيس ته ڪڏهن هارائيندو رهيس نيٺ مون لالچ ۾ اچي اڪائونٽ پيل کٽيل ۽ ٻيا پئسا ايپس ۾ ٽرانسفر ڪيا ۽ جوا رهڻ شروع ڪيم ته هڪ روپيو به نه کٽيم سڀ پئسا هارائي ويس، اهو صرف چمبڙ جي هڪ فيملي جو نه پر سنڌ ۾ اهڙا ڪيترائي واقعا پيش اچي چڪا آهن جن ۾ نوجوان لالچ ۾ اچي سڀ ڪجهه ڦرائي ويٺا آهن، ايف آئي اي کي اهڙن آن لائن جوا هلائي اربين روپين جو فراڊ ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪرڻ گهرجي.