جهنڊومري/عثمان شاهه هڙي (نمائندن وٽان) جهنڊومري لڳ مشائخ هوٿي ٿاڻي جي حد ڳوٺ سهراب خان مري ۾ ويڳي پٽ هٿان قتل ٿيل عورت جي قتل جو ڪيس مشائخ هوٿي پوليس اسٽيشن تي مقتولا جي مڙس سهراب مري ۽ ان جي پٽ عبدالغني مري مٿان داخل ڪيو ويو آهي، قتل جو ڪارڻ پيءُ پاران ٻي شادي ڪرڻ تي ناراضگي ٻڌايو وڃي ٿو. چيو وڃي ٿو ته عبدالغني مري نالي نوجوان پنهنجي پيءُ جي ٻي گهرواري 45 سالن جي سوني مري کي سڌا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو هو، اهڙي واقعي خلاف مقتولا جي ڀائرن يوسف مري، موسو خان مري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مين ٽنڊوآدم-ميرپورخاص روڊ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو هو، مقتولا جي وارثن جو مطالبو هو ته جوابدارن خلاف قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪري کين گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.