حيدرآباد(رپورٽر) جسقم شهيد بشير خان قريشي طرفان سنڌو درياھه مٿان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف 21 فيبروري تي ٻٻرلو باءِ پاس تي اعلانيل 24 ڪلاڪ واري ڌرڻي جي ڪاميابي لاءِ رابطا مهم تيز ڪئي وئي آهي. جسقم شھيد بشير خان مرڪزي چيف آرگنائزر ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ مرڪزي آرگنائزر پنھل ساريو طرفان جسم چيئرمين رياض چانڊيو کي احتجاجي ڌرڻي ۾ شرڪت جي باضابطا طور دعوت ڏني وئي. ان موقعي تي جسقم اڳواڻن ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، جسم چيئرمين رياض چانڊيو ۽ پنهل ساريو ڳالهائيندي چيو ته سنڌو درياهه سنڌ جو جياپو آهي. جنهن تي پنجاب زوري قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، سنڌ جي 6 ڪروڙ عوام کي پيئڻ لاءِ پاڻي به نه ملندو،ان موقعي تي جسم مرڪزي اڳواڻ پنھل جمالي، جسقم اڳواڻ ميرحسن لاشاري ۽ اڪبر چانڊيو موجود هو.