واشنگٽن(م ڊ) پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڏنل دعائيه نيرن جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي آهي. ذريعن موجب بلاول اتي خطاب به ڪيو. ٻه طرفن لاڳاپن جي مضبوطي تي ڳالهه ٻول ٿي آهي. بلاول ۽ آمريڪي عملدارن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار تي ڳالهه ٻول ٿي آهي. بلاول آمريڪا ۾ موجود آهي. بلاول جي دوري کي اهم سمجهيو وڃي ٿو. ٻئي پاسي بلاول ڀٽو زرداري ٽرمپ انتظاميا جي عملدارن سان ملاقاتون ڪري پاڪ-آمريڪا لاڳاپن تي ڳالهيون ڪيون.