لزبن (م ڊ ) اسماعيلي ڪميونٽي جو روحاني پيشوا ۽ 49 هون امام پرنس ڪريم آغا خان، 88 ورهين جي ڄمار ۾ پرتگال جي راڄڌاني لزبن ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.پڌرائي موجب، پرنس ڪريم آغا خان جي لاڏاڻي تي اسماعيل ڪميونٽي ۾ ڏک جي لهر ڇائنجي وئي آهي، هن اسماعيلي ڪميونٽي جي رهنمائي ۽ فلاحي منصوبن ۾ هڪ نمايان ڪردار ادا ڪيو.پرنس ڪريم آغا خان جي لاڏاڻي کانپوءِ 50 هين امام جي نامزدگي جو عمل مڪمل ڪيو ويو آهي.مولانا شاهه ڪريم جي جنازي نماز لزبن ۾ ئي ادا ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي جڏهن ته تدفين جي هنڌ بابت في لحال ڪو اعلان ناهي ڪيو ويو. پڌرائي موجب، تاريخ ۽ وقت جو اعلان انتطامن کي حتمي شڪل ڏيڻ کانپوءِ ڪيو ويندو، جنازي نماز ۾ شاهه ڪريم جي ڪٽنب ۽ جماعت جا سينيئر ۽ امام انسٽيٽيوشنز جي ادارن جا سان لاڳاپيل عملدار شرڪت ڪندا.ٻئي پاسي روايتن تحت سندس جانشين يعني اسماعيل ڪميونٽي جي 50 هين حاضر امام کي نامزد ڪيو ويو.پڌرائي موجب، جانشين جي نامزدگي پرنس ڪريم آغا خان پنهنجي وصيت ۾ ڪئي هئي، سندس جماعت جي سينيئر ميمبرن جي موجودگي ۾ اها وصيت پڙهي ٻڌائي وئي.پرنس ڪريم آغا خان جي لاڏاڻي تي مختلف سياسي شخصيتن پاران تعزيت ڪئي وئي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ٻين پاران پرنس ڪريم آغا خان جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو.
پرنس رحيم خان آغا اسماعيلين جو نئون امام مقرر
لزبن(ع آ نيوز) پرنس رحيم آغا خان اسماعيلي برادري جو نئون امام ٿيندو. پرنس رحيم آغا خان اسماعيلي برادري جو 50 هون امام آهي. پرنس ڪريم آغا خان پنهنجي وصيت ۾ پرنس رحيم آغا خان کي اسماعيلي برادري جو 50 هون امام مقرر ڪيو. اهو اعلان پرتگال جي گادي واري شهر لزبن ۾ امام جي خاندان ۽ جماعت جي بزرگن جي سامهون ڪيو ويو. شهزادي رحيم آغا خان کان علاوه پرنس ڪريم آغا خان کي ٻه وڌيڪ پٽ آهن، علي محمد آغا خان ۽ حسين آغا خان، جڏهن ته هڪ ڌيءَ زهرا آغا خان آهي.