ڊاڪٽر چارلس ڊارون (1809-1889) جي ارتقا جي نظريي موجب انسان چمپينزي مان ارتقا ڪئي آھي.انسان جي غارن ۾ رھڻ وقت ابلاغ جو سفر شروع ٿيو. انسان پهرين اشارن ذريعي پنهنجا خيال ٻين تائين پهچائڻ شروع ڪيا ۽ پوءِ اڳتي ھلي انسان لکڻ جو طريقو سکي ورتو. انسان پھرين وڻن جي ڇوڏن ۽ جانورن جي کَل يا چمڙي ۽ پٿرن تي لکندو ھو.
اهڙيءَ طرح انسان ۾ وڌيڪ شعور پيدا ٿيڻ لڳو ۽ پنھنجي تخليق کي ڪتاب جي صورت ۾ منتقل ڪرڻ جي روايت پئي. الله تعاليٰ بني اسرائيل جا پيغمبر موڪليا. انهن تي ڪتاب لٿا ۽ 16 صدي ۾ ڪاغذ جي ايجاد ۽ پوءِ پرنٽنگ پريس جي ايجاد علم پکيڙڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو. يورپي ملڪن ۾ ڪتابن ذريعي علم پکڙڻ جو عمل تيز ٿيو. صنعتي انقلاب سان گڏ وچولو طبقو ۽ مزدور طبقو اڀريو ۽ شاعرن، اديبن ۽ دانشورن نوان خيال تخليق ڪرڻ شروع ڪيا.
اخباري اداري جي قيام سان گڏ عوام ۽ حڪمرانن وچ ۾ ابلاغ جو عمل مضبوط ٿيو. سياسي پارٽين، مزدورن، اديبن ۽ شاعرن جي انجمنن قائم ٿيڻ سان يورپ ۾ علمي ماحول سگھارو ٿيڻ شروع ٿيو. گڏوگڏ ڪتابن جي ڇپائي جو عمل بھ تيز ٿيو. تاريخدان جو چوڻ آھي تھ ٿا يورپ ۾ چرچ جي آمريت ھئي.وقت جي بادشاه ۽ چرچ جي اتحاد سان انساني شعور پيدا ڪندڙ خيالن جي پاڙپٽي ويندي ھئي.
يورپ اهڙن ڪتابن تي پابندي لڳائڻ چاهيندو هو جيڪي چرچ جي خيالن جي خلاف ھئا. فرانس جي” سينٽ جون آف آرڪ “ چرچ جي رائج نظرئي کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو ھو. جون آف آرڪ کي عدالت جي حڪم تي ڦاھي ڏني وئي. اٽليءَ جي سائنسدان گيليلو پنهنجي تحقيق ذريعي ثابت ڪيو ته زمين سج جي چوڌاري گردش ڪري ٿي. چرچ سندس ڪتاب کي ضبط ڪري ورتو ۽ گليلو کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
يورپي ملڪن ۾ مذهبي ڪتابن کان علاوه سائنس، سياست ۽ فلسفي سان لاڳاپيل ڪتابن جي اشاعت تي پابندي لڳائي وئي. يورپ ۾ 14 صدي کان 17 ھين صدي تائين، علم جي اڳڀرائي جي لاءِ نشاۃِ ثانيه جون تحريڪون هليون. علميت جي بحالي واري هن دور ۾ مذهب ۽ رياست کي الڳ ڪيو ويو. زندگي جي معيار کي بلند ڪرڻ لاءِ سائنسي تحقيق کي برتري حاصل ٿي.
ان سان گڏ فرد جي آزادي، نون خيالن جي پرچار ڪرڻ ،زندگي ۽ دنيا سان لاڳاپيل هر قسم جي نظرين تي بحث ڪرڻ جي آزادي جي اھميت کي محسوس ڪيو ويو.ان عرصي ۾ رياست تي عوام جي مٿڀرائي، غربت جي خاتمي، عورتن ۽ مردن جي وچ ۾ فرق جي خاتمي،تعليم ۽ صنعتي ترقي جي اهميت تي گهڻي تحقيق ٿي. برطانيه اظھار جي آزاديءَ ۽ منحرفن جي مرڪز طور اڀريو.برطانيھ، فرانس ۽ جرمني وغيره ۾ سرمائيداڻو نظام ۽ سوشلزم بابت نوان خيال سامھون آيا.
ڪارل مارڪس 5 مئي 1818ع تي جرمني جي شهر ٽرائر ۾ پيدا ٿيو. سندس تعلق ھڪ خوشحال خاندان سان ھو. مارڪس فلسفي جي تعليم حاصل ڪئي.هن سوشلزم جو نظريو پيش ڪيو. جرمني ۽ بيلجيم ۾ مارڪس جي نظرئي تي پابندي لڳي وئي. مارڪس کي برطانيه ۾ پناهه ملي. مارڪس برطانيه ۾ سرمائيداراڻي نظام کي ختم ڪرڻ لاءِ عظيم ڪتاب "داس ڪيپيٽل” لکيو. ڪارل مارڪس 14 مارچ 1883ع تي لنڊن ۾ 64 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي. انساني تاريخ ۾ برطانيه جو نالو ان بنياد تي روشن اکرن ۾ لکيو ويندو،ڇاڪاڻ جو برطانيه ئي ڪارل مارڪس کي پناهه ڏني هئي.
ننڍي کنڊ ھندستان ۾ مغلن ڪيترائي سو سال حڪومت ڪئي. مغل سلطنت جو باني ظهيرالدين بابر هو. هن پنهنجي سوانح عمري لکي هئي، پر اڪبر جي دور ۾ جڏھن والندير آفيسرن پرنٽنگ پريس جو هڪ نمونو پيش ڪيو، ته اڪبر جي درٻار جا وزير امير ان پرنٽنگ پريس جي اهميت کي سمجهڻ ۾ ناڪام ٿيا. مغل شهنشاهه عثماني سلطنت جي خليفن جي تابعداري ڪندو ھو. عثماني سلطنت جي خليفن قرآن کي پرنٽنگ پريس مان ڇپائڻ جي اجازت نه ڏني ۽ ان عمل کي حرام قرار ڏنو ويو.شايد اهو ئي سبب هو جو مغل دور ۾ تعليم تي ڌيان نه ڏنو ويو ھو. ان دور ۾ ڪيترن ئي عظيم شاعرن يقيني طور تي پنهنجي شاعري جو جادو جاڳايو، پر انهن جو ڪلام بھ سنيھ با سينھ ھڪ کان ٻئي نسل ڏانھن منتقل ٿيو. برطانيه ۽ ٻين يورپي ملڪن پنهنجن شهرين کي اظهار جي آزاديءَ، تخليق ۽ تحقيق جي آزادي ڏني، پر انهن جي ڪالونين جي شهرين کي هر قسم جي آزادي کان محروم رکيو.
جڏهن برطانيه هندستان ۾ جديد تعليمي، انتظامي ۽ عدالتي نظام لاڳو ڪيو تھ، دهلي کان ڪلڪتي تائين ريل گاڏي هلائي ۽ بجلي اچڻ سان گڏوگڏ جديد صنعت ڪاري جي شروعات ٿي. جنھن سان هندستان ۾ پهريون ڀيرو وچولو ۽ مزدور طبقو اڀريو. سياسي جماعتون قائم ٿيون. مختلف شهرن ۾ پرنٽنگ پريسون قائم ڪيون ويون. انگريزي کان علاوه مقامي ٻولين ۾ اخبارون شايع ٿيڻ لڳيون.
ايسٽ انڊيا ڪمپني ڪلڪتي ۾ فورٽ وليم ڪاليج قائم ڪيو. ان فورٽ وليم ڪاليج اردو جي پراڻن ڪتابن کي ٻيهر شايع ڪرڻ شروع ڪيو، اهڙي طرح هاڻي هندستان ۾ مقامي ٻولين کان علاوه انگريزي، اردو ۽ مقامي ٻولين ۾ ڪتاب شايع ٿيڻ لڳا. برطانوي حڪومت آزادي جي خيالن کي فروغ ڏيندڙ ڪتابن تي پابندي لڳائڻ ۽ انهن جي ليکڪن تي ڪيس هلائڻ لاءِ قانون سازي ڪئي، پر سڄي ھندستان ۾ مختلف موضوعن تي ڪتاب لکڻ ۽ انهن جي اشاعت جي موقعي تي خاص تقريبون منعقد ڪرڻ جي روايت پڻ شروع ٿي.
جڏهن هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ پاڪستان وجود ۾ آيو، ته سمورا ڪارا قانون جيڪي هندستان ۾ لاڳو ھئا، سي پاڪستان ۾ به لاڳو ٿيا. انهن قانونن ۾ صحافت جي آزاديءَ، اظھار جي آزديءَ ۽ تخليق جي آزادي کي چٿڻ وارا قانون بھ شامل ھئا.
آزاديءَ جي ڪجهه سالن اندر، عظيم ڪهاڻيڪار سعادت حسين منٽو جي لکيل ڪهاڻي "ٿنڊا گوشت” کي پنجاب انتظاميا فحش قرار ڏنو ۽ ھن خلاف عدالت ۾ ڪيس ھليو. عظيم شاعر فيض احمدفيض ۽ ٻيا ترقي پسند ليکڪ منٽو جي بچاءَ جي شاهد طور عدالت ۾ پيش ٿيا. عدالت منٽو تي ڏنڊ وڌو، جيڪو اپيل تي ختم ٿيو. ان کان پوءِ ڪتابن جي اشاعت تي ڪا وڏي پابندي نه لڳي، پر وقت سان گڏ،پراڻي نسل ڪتابن ۾ دلچسپي وڃائي ڇڏي، جنهن جو اثر ايندڙ نسل تي پيو.
جنرل ضياءُ الحق جي دور ۾ هڪ مصنوعي سماج پيدا ٿيو ۽ ڪتابن جا دڪان غائب ٿيڻ لڳا.پبلشرن اھو چوڻ شروع ڪيو تھ هن ڪاروبار ۾ ڪا آمدني نه رهي آهي، پر ان سڄي منفي صورتحال جي باوجود، بلوچستان ۾ خواندگيءَ جي شرح وڌي ۽ هڪ وقت اهڙو به آيو جڏهن اهو معلوم ٿيو ته بلوچستان ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪتاب پڙهيا پيا وڃن. بلوچستان جي ڏورانهن علائقن سان تعلق رکندڙ شاگردن ۽ ساگردياڻين جو ڪتابن ۾ دلچسپي جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته گوادر سميت ننڍن شهرن ۾ به باقاعدي ڪتاب ميلا لڳندا آهن ۽ انهن ميلن ۾ لکين ۽ ڪروڙين رپين جا ڪتاب وڪرو ٿيندا آهن.
بلوچستان جا نوجوان مارڪس، لينن، اينگلز ۽ چي گويرا جا ڪتابون شوق سان پڙهندا آهن، انهي سان گڏ دنيا جي وڏن ليکڪن سميت ترقي پسند ليکڪ سيد سبط حسن، ڊاڪٽر مبارڪ علي، علي عباس جلالپوري، ۽ بلوچي ادب جا ڪتاب شوق سان پڙھندا آهن. بلوچستان جي معاملن جي ماهر صحافي عزيز سنگهور لکيو آهي ته گوادر ۽ آس پاس جي علائقن ۾ منشيات جا اڏا ھلي رھيا آهن.نوجوان، پوڙها، عورتون ۽ مرد آساني سان منشيات خريد ڪن ٿا، پر پوليس انهن خلاف ڪارروائي نٿي ڪري. هڪ ٻئي صحافي، تبصرو ڪندي چيو آھي تھ بلوچستان کي اونداهي دور ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي ۽ هاڻي تھ ڪتابي دهشتگردي جو اصطلاح پڻ استعمال ڪيو پيو وڃي. جنھن سماج ۾ ڪتابن تي پابندي لڳندي ھجي ان جو سماج جو مقدر زوال لکجي ويندو آهي.
بلوچستان جا نوجوان مارڪس، لينن، اينگلز ۽ چي گويرا جا ڪتابون شوق سان پڙهندا آهن، انهي سان گڏ دنيا جي وڏن ليکڪن سميت ترقي پسند ليکڪ سيد سبط حسن، ڊاڪٽر مبارڪ علي، علي عباس جلالپوري، ۽ بلوچي ادب جا ڪتاب شوق سان پڙھندا آهن. بلوچستان جي معاملن جي ماهر صحافي عزيز سنگهور لکيو آهي ته گوادر ۽ آس پاس جي علائقن ۾ منشيات جا اڏا ھلي رھيا آهن.نوجوان، پوڙها، عورتون ۽ مرد آساني سان منشيات خريد ڪن ٿا، پر پوليس انهن خلاف ڪارروائي نٿي ڪري. هڪ ٻئي صحافي، تبصرو ڪندي چيو آھي تھ بلوچستان کي اونداهي دور ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي ۽ هاڻي تھ ڪتابي دهشتگردي جو اصطلاح پڻ استعمال ڪيو پيو وڃي. جنھن سماج ۾ ڪتابن تي پابندي لڳندي ھجي ان جو سماج جو مقدر زوال لکجي ويندو آهي.