ٽنڊوالهيار جي ترقياتي ڪمن لاءِ ڏنل 56 ڪروڙ۽ زميني حقيقتون

تحرير: ثوبيا کوسو

عوامي آواز اخبار ۾ ضلعي انتظاميا کي ناڻي کاتي طرفان جاري ڪيل رقمن  جي باري ۾ پڙهيم جنهن ۾ لکيل هو ته ناڻي کاتي طرفان ضلع ٽنڊوالهيار لاءِ 56 ڪروڙ روپيا ضلعي انتظاميا کي ڏنا ويا آهن،  ان مهلمنهنجو ڌيان اُمالڪ تعلقي چمبڙ جي شهرن ۽ ڳوٺن ڏانهن هليو ويو ته تمام گهڻو افسوس ٿيو ته ڪروڙين روپيا جاري ٿيڻ کانپوءِ به چمبڙ شهر ۽ ڳوٺن تي هڪ روپيو به خرچ ناهي ڪيو ويو، ڪافي يوسين جا اهڙا ڪيترائي ڳوٺ آهن جتي پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ آهي ، جر جو کارو پاڻي واپرائڻ سبب ماڻهو بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن، ڪيترائي ته فوت ٿي چڪا آهن پر انتظاميا جي انهن تي نظر به ناهي پئي، ڳوٺاڻن موجب اسان بار بار ضلعي انتظاميا کي درخواستون ڏنيون آهن پر ڪو به نوٽس نٿو ورتو وڃي، يا صرف آسرا ئي ڏنا ويندا آهن.

چمبڙ تعلقو هن جديد دور ۾ ۽ ڪروڙين روپيا فنڊ ملڻ باوجود به کنڊر بڻيل آهي، روڊن جي حالت ته ايتري خراب آهي ۽ انهن ۾ ايترا ته کڏا آهن جو ايڪسيڊنٽ روز جو معمول بڻيل آهن، صرف ٽنڊوالهيار کان چمبڙ تائين روڊ سٺي حالت ۾ آهي پر اهو به تيل گئس ڪمپنين پنهنجي رائلٽي مان ٺهرائي ڏنو آهي، هر سال روڊن جي مرمت ۽ نوان روڊ ٺهڻ لاءِ ٽينڊر ته ايندا آهن پر صرف ڪاغذن ۾ ڪم ڏيکاريو ويندو آهي جنهن جو مثال چمبڙ کان گلاب لغاي ڏي ويندڙ روڊ آهي رهواسين موجب ان روڊ کي ٺاهڻ جا به ڪيترا ئي دفعا ٽينڊر آيا آهن ۽ ڪروڙين روپيا به جاري ٿيا آهن پر صرف ڪاغذن ۾ ئي ڪم ڏيکاريو ويو آهي باقي سرزمين تي هڪ روپئي جو به ڪم ناهي ٿيو، انهيءَ روڊ جي اهڙي ڪنڊيشن آهي جو اتي ايڪسيڊنٽ معمول بڻيل آهن، جڳهه جڳهه تي کڏا هئڻ ڪري ڏهن منٽن جو سفر 30 منٽن ۾ ٿيندو آهي، ائين ئي چمبڙ کان مختلف ڳوٺن ڏي ويندڙ روڊ به صفا ناڪارا بڻجي چڪا آهن، پهاڙ لغاري کان  لڙهه ڏي ويندڙ روڊ جي به حالت خراب آهي ته چمبڙ کان گلاب لغاري ۽ گلاب لغاري کان چمبڙ جي ڳوٺن علي خان لغاري، حافظ عمر، مولوي پيرمحمد چانڊيو ڏي ويندڙ روڊ به کڏا کڏا بڻجي چڪو آهي،   هڪ طرف ضلعي انتظاميا کي 56 ڪروڙ روپين جو فنڊ ته ٻي طرف چمبڙ شهر به کنڊر بڻيل جنهن تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو،آخر انهن فنڊن جي باري ۾ انڪوائري ڇو نٿي ٿئي؟ ڪروڙين روپيا خرچ ٿيندي نظر ته نٿا اچن.

چمبڙ ۾ ايڊز جي مريض اڌرنگ ۽ اکين جي بينائي کان محروم ٿيل شخص نياز ڊيشڪ مونکي ٻڌايو ته آئون ڪجهه عرصو پهرين ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊوالهيار وٽ ويو هئس ته منهنجي ڪجهه مدد ڪيو پر مونکي صرف آسرا ئي ڏنا ويا، جيڪڏهن ضلعي انتظاميا کي مليل 56  ڪروڙ روپين جي ڳالهه ڪجي ته ظاهري طور ڪٿي به ڏسڻ ۾ نٿو اچي ته انهن ڪو ترقياتي ڪم ڪرايو آهي، چمبڙ شهر سميت ڳوٺن جي ساڳي حالت آهي، ۽ ڳوٺاڻا مسلسل احتجاج ڪندي به نظر ايندا آهن، جن جون خبرون ۽ اسٽوريون پهرين به عوامي آواز ۾ لڳي چڪيون آهن.

چمبڙ جا اهڙا ڪيترائي ڳوٺ آهن جن جي آبادي هزارن ۾ آهي انهن ڳوٺن ۾ ڪوڙو دائيداڻو، نصيرخان لغاري ۽ ٻيا شامل آهن انهن ڳوٺن ۾ جر جو پاڻي کارو ۽ زهريلو آهي پر افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته انهن ڳوٺن ۾ آر پلانٽ ناڪارا بڻجي ويا آهن، ماڻهو زهريلو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن، ۽ چمبڙ جي تقريبن سڀني ڳوٺن ۾ ڪٿي به ڊرينج سسٽم ناهي بارش مهل انهن ڳوٺن جون گليون تلائن جا ڏيک ڏينديون آهن.

56 ڪروڙ روپين مان جيڪڏهن ايمانداري سان ڳوٺن جي بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي ته ڪيترائي مسئلا حل ٿي سگهجن ٿا، جيئن سڀ کان اهم مسئلو تعلقي چمبڙ ۾ جر جو زهريلو پاڻي آهي، ڏهن يا پندرنهن ڳوٺن کي هڪ 40 کان 60 لکن جو آر پلانٽ لڳرائي ڏجي ته ماڻهو جر جو زهريلو پاڻي پي مرڻ کان بچي سگهن ٿا، پر ضلعي انتظاميا اهو به نٿي ڪري سگهي، مونکي لاڳاپيل اداري ۾ ڪم ڪندڙ هڪ شخص ٻڌايو ته ضلعي انتظاميا کي جيڪي به فنڊ ملندا آهن اهو هو اڪيلو ڄڻو خرچ نٿو ڪري سگهي ، مثال طور جيئن تيل ۽ گئس ڪمپنين طرفان ملندڙ رائلٽي  يا وري ٻيا فنڊ ، هڪ ڪميٽي ٺهيل هوندي آهي جنهن ۾ انهيءَ ضلعي جا ايم پي اي ۽ ايم اين اي به شامل هوندا آهن، ۽ جڏهن فنڊ ايندو آهي ته ان ڪميٽي جي ميمبرن جي صحي کان سواءِ انهيءَ ناهي نڪرندو، عوامي آواز جي رپورٽ موجب  14 ارب 6 ڪروڙ روپيا هيستائين مختلف ضلعن کي جاري ڪيا ويا جن مان صرف چند ارب خرچ ڪيا ويا، پر انهن خرچ ٿيل چند اربن ۾ ب ڪرپشن ڪئي وئي، انهيءَ رپورٽ مان صاف ظاهر آهي ته حڪومت جي عوام سان ڪا دلچسپي ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.