اسماعيلي فرقي جي امام پرنس آغا خان ڪريم جو لاڏاڻو

تحرير: خليق ميمڻ

گذريل ڏينهن پرتگال جي گاديءَ واري هنڌ لزبن ۾ اهل تشيع جي اسماعيلي فرقي جي حاضر امام  پرنس آغا ڪريم پنهنجي ڪٽنب جي موجودگيءَ ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو. هن جي لاڏاڻي جي خبر پوري دنيا اندر افسوس جي فضا  قائم ڪري ڇڏي آهي، ڇو ته هي رڳو اسماعيلي ڪميونٽي جو روحاني پيشوا نه هو، پر پوري انسانيت جو درد رکندڙ انسان هو. هن جي سڃاڻپ رڳو پنهنجي فرقي جي امام واري نه هئي، پر هن پنهنجي سڃاڻپ دنيا اندر فلاحي ڪمن جي ڪري ٺاهي، ۽ سڄي دنيا ۾ پنهنجو الڳ مقام ٺاهيو.

دنيا جي تاريخ ۾ اسان کي مذهبي اثررسوخ رکندڙ شخصيتن جي گهڻائي نظر اچي ٿي. اهڙي طرح انهن پراثر شخصيتن جي وفات کان پوءِ سندن جانشين مقرر ڪيا ويا وڃن ٿا. انهن مان ڪجهه پنهنجو الڳ مقام ٺاهي پنهنجي الڳ سڃاڻپ جوڙڻ ڪامياب ويندا آهن. مان سمجهان ٿو پرنس آغا ڪريم به تاريخ ۾ پنهنجي الڳ سڃاڻپ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ويو آهي، ڇو ته هن جا ٺاهيل فلاحي ادارا ۽ شروع ڪيل فلاحي ڪم اڄ ضرورتمندن جي ضرورت پوري کان ڪرڻ سان گڏ تعليم، صحت، عمارت سازي ۽ ٻين شعبن اندر پوري دنيا ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو رهيا آهن.

پرنس آغا ڪريم جو پورو نالو مولانا شاھ ڪريم الحسيني آهي. هي اسماعيلي فرقي جو 49هون امام هيو. هونئن ته پيءُ جي وراثت پٽَ ڏانهن ويندي آهي اسماعيلي ڪميونٽي جي 48هين امام آغا سلطان خان پنهنجي وصيت ۾ پنهنجي پوٽي آغا ڪريم کي جانشين مقرر ڪيو. ان جا سبب هن پنهنجي وصيت ۾ ڄاڻائي ڇڏيا هئا. هاڻي جڏهن پرنس آغا خان ڪريم وفات ڪئي آهي ته هن به پنهنجي وفات کان اڳ وصيت لکي آهي. جنهن ۾ هن پنهنجو جانشين  مقرر ڪيو آهي، جنهن جو اعلان هن جي تدفين جي رسمن جي وقت ڪٽنب جي ڀاتين ۽ مريدن اڳيان پڙهي ٻڌائي ويندو، ڇو ته ائين هن فرقي جي عقيدي موجب ته امام جي برقعي مٽائڻ شرط ان جون سڀ روحاني طاقتون جانشين امام ڏانهن منتقل ٿي وينديون آهن.

اسماعيلي فرقي جي آبادي سڄي دنيا ۾ ڏيڍ ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ ان جي آبادي پنج لک آهي. تنهن ڪري هن فرقي جي اثر کي پوري دنيا مڃي ٿي ۽ موجوده امام کي عزت احترام ڏي ٿي.

جيئن دنيا جي ٻين وڏن مذهبن اندر مختلف فرقا آهن، ايئن ئي اسلام اندر به ڪيترائي فرقا موجود آهن. عام طور تي اسلام اندر ٻه وڏا فرقا آهن، هڪ سُني ۽ ٻيو شيعا. سُني فرقي منجهان ٻيا ننڍا فرقا يا فقه ٺهيا ايئن شيعا فرقي منجهان به اسماعيلي فرقو نڪتو آهي. اسين جنهن کي اهل تشيع چوندا آهيون، اهي دراصل اثنا عشري شيعا هوندا آهن، ڇو ته پاڪستان ۾ اثنا عشري شيعن جي وڏي اڪثريت آهي، جڏهن ته اسماعيلي شيعا پنج لکن جي لڳ ڀڳ آهن. اسلام جي ڇهين امام، امام جعفر صادق عليه السلام کان پوءِ سندس وڏي پٽَ امام اسماعيل بن جعفر کي پنهنجو امام مڃين ٿا. اتان کان هڪڙا حاضر امام ۽ ٻيا غائب امام واري نظريي جا قائل بڻيا.ان ڏينهن کان وٺي اسماعيلي فرقي ۾ حاضر امام جو سلسلو جاري آهي جيڪو 50هين جانشين يا حاضر امام تائين پهتو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.