اسلام آباد (م ڊ) چيف جسٽس پاڪستان يحيٰ آفريدي ججن جي بدلي کي آئين تحت سٺو قدم قرار ڏئي ڇڏيو۽ چيو آهي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ججن جي منتقلي کي مڪس نه ڪريو، مقرري ۽ منتقلي 2 ڌار معاملا آهن، ٻين صوبن جي ججن کي به فيئر چانس ملڻ گهرجي، اسلام آباد ۾ پريس ايسوسيئيشن جي حلف برداري تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪنهن خاص جي نه پر پوري ملڪ جي آهي، وفاق سڄي ملڪ جو آهي، اسلام آباد وفاق جي علامت آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ججن جي بدلي آئين تحت ٿي آهي، آرٽيڪل 200 تحت اهو سٺو قدم آهي، هڪ بلوچي ڳالهائيندڙ جج آيو ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ جج آيو، ٻين صوبن مان وڌيڪ جج به اچڻ گهرجن، ججن ۾ اختلافن بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مان چيف جسٽس آهيان ۽ سڀني ججن سان ڳالهائيندس، وقت لڳندو سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو، اسان کي اسڪول موڪليو ويندو آهي ته توهان جينٽل مين بڻجي اچو.