اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان ۽ سعودي فنڊ فار ڊولپمينٽ وچ ۾ 1.61 ارب ڊالرن جي ٻن معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون، ان حوالي سان ٿيل تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف، ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب ۽ سعودي سفير پڻ موجود هئا، مفاهمت جي ياداشت موجب سعودي ترقياتي فنڊ هڪ سال لاءِ بنا ادائيگي تي هڪ ارب 20 ڪروڙ ڊالرن جي تيل جي درآمد جي سهولت فراهم ڪندو، جڏهن ته مانسهره ۾ واٽر سپلاءِ اسڪيم لاءِ 4 ڪروڙ 10 لک ڊالر به رعايتي قرض تي ڏنا ويندا، وزيراعظم سان سعودي فنڊ فار ڊولپمينٽ جي وفد سي اي او سلطان بن عبدالرحمان المرشد جي اڳواڻي ۾ ڌار ملاقات به ڪئي.