ڪراچي( رپورٽر)سنڌو درياهه مان 6 ڪينال ڪڍڻ ۽ سنڌ جون زمينون پرائيويٽ ماڻهن کي الاٽ ڪرڻ خلاف سٽي ڪورٽ ۾ وڪيلن پاران 17هين ڏينهن به بک هڙتال ڪئي وئي، ايڊوڪيٽ خليل انصاري، ديدار چانڊيو، جاويد حاجاڻو، صالح ملاح، اياز سولنگي ۽ اشفاق پهنور جي اڳواڻي ۾ سنڌو درياهه مان 6 ڪينال ڪڍڻ ۽ سنڌ جون زمينون خانگي ڪمپني کي الاٽ ڪرڻ خلاف بک هڙتال ڪري احتجاج ڪيو ويو، مظاهرين چيو ته سنڌو درياهه ِتي ٺهندڙ غيرقانوني ۽ غير آئيني 6 ڪينالن خلاف سنڌ اسيمبلي مان بل پاس ڪرائي سنڌ دشمن عمل کي روڪيو وڃي،گرين انيشيٽو ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي وفاقي حڪومت سنڌ جي زمينن کي غير آئيني طور ورهائڻ بند ڪري، اڳ ۾ ئي سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي، جنهن سبب سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون بنجر بڻجي ويون آهن، پڇڙي تائين پاڻي نه پهچڻ سبب پڇڙي جا آبادگار سخت پريشاني ۾ مبتلا آهن ۽ سنڌ جي ڊيلٽا به تباهه ٿي وئي آهي، وڪيل اڳواڻن چيو ته سنڌ جي زمينن ۽ سنڌ جي پاڻي تي صرف سنڌين جو حق آهي، سنڌو درياهه ۾ پاڻي آهي ئي نه ته 6 ڪينال ڪيئن پيا ڪڍيا وڃن، وفاقي حڪومت جو اهيو منصوبو سنڌ کي تباهه ڪرڻ جو منصوبو آهي.