ڪابل/دبئي(عوامي آواز نيوز)نياڻين جي تعليم جي حق ۾ بيان ڏيندڙ افغان حڪومت جو نائب پرڏيهي وزير محمد عباس ستانڪزئي جان جي خطري سبب گڏيل عرب امارات فرار ٿي ويو،20 جنوري تي محمد عباس پنهنجي حڪومت جي نياڻين جي اسڪول وڃڻ واري پاليسي تي تنقيد ڪئي هئي جنهن بعد طالبان جي سپريم ليڊر هيب الله اخونزاده پنهنجي ڊپٽي وزير جي گرفتاري ۽ پرڏيهه وڃڻ تي پابندي جو حڪم ڏنو، جنهن بعد محمد عباس افعانستان ڇڏي يو اي اي پهچي ويو، جڏهن ته ستانڪزئي جو چوڻ آهي ته هو صحت خراب هئڻ سبب دبئي آيو آهي،