وڏي وزير ٻارڙن کي ڦڙا پياري پوليو مهم جو افتتاح ڪري ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر )سنڌ حڪومت طرفان پوليو ٽيم کي مڪمل تحفظ ڏيڻ  ۽ ڪنهن اڻ وڻندڙ واقعي کي سختي سان منهن ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه فيبروري 2025 لاءِ گذريل قومي پوليو مهم جو وزيراعليٰ هائوس ۾ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياري مهم جي باضابطا افتتاحي تقريب وزيراعليٰ هائوس ۾ منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ سيڪريٽري صحت ريحان بلوچ، آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، اي او سي ڪوآرڊينيٽر ارشد سوڍر، روٽري جو عزيز ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو ته پوليو جي خاتمي جي مهم صرف صحت جو مسئلو ناهي پر سنڌ جي ٻارن جي ڀلائي لاءِ هڪ اهم جنگ آهي ۽ اسان جو پڪو عزم آهي ته سنڌ ۾ ڪوبه ٻار هن موذي بيماري جو شڪار نه ٿئي،سنڌ حڪومت هن مشن ۾ مڪمل طور تي مصروف آهي ۽ ذاتي طور تي مهم جي نگراني ڪندي پوليو ڦڙا پيارڻ جي  مهم3 فيبروري کان 9 فيبروري تائين جاري رهندي ۽ ان جو مقصد سڄي سنڌ ۾ پنجن سالن کان گهٽ ڄمار جي 16 ملين کان وڌيڪ ٻارن کي ڦڙا پيارڻ آهي، وڏي وزير صوبي جي 82000 فرنٽ لائن پوليو ورڪرن جي محنت جي واکاڻ ڪندي چيو ته جيڪي ڏکئي حالتن باوجود ٻارن کي هن موذي بيماري کان بچائڻ لاءِ گهر گهر وڃي رهيا آهن، هن چيو ته اهي ورڪر هن مهم جا اصل هيرو آهن. انهن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ 21844 سيڪيورٽي اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.