ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ صنعتڪارن جي شڪايتن جي حل لاءِ قائم ڪيل بزنس فيسليٽيشن ڪوآرڊينيشن ڪميٽي (BFCC) جو اجلاس ڪراچي ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ صنعتڪارن جي شڪايتن کي حل ڪرڻ، مسئلن تي بحث ڪرڻ ۽ باهمي رضامندي سان حل ڳولڻ تي بحث ڪيو ويو. اجلاس ۾ صوبائي وزير سعيد غني، ڄام اڪرام، ضياءَ الحسن لنجار، شاهد ٿهيم، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو بقاءُ الله انڙ سميت مختلف صوبائي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. ڪاروباري برادري جي نمائندن ۾ ايم اين اي اختر بيگ، عارف حبيب، زبير موتي والا ۽ چيئرمين پاڪستان بزنس ڪائونسل شبير ديوان، صدر ايف پي سي سي آءِ عاطف اڪرام شيخ، صدر ڪي سي سي آءِ جاويد بلواڻي، چيئرمين آباد حسن بخشي؛ سائيٽ ايسوسيئيشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽري جي صدر احمد عظيم علوي، ڪي ٽي آءِ جي صدر جنيد نقي، چيئرمين اپٽما انور عظيم ۽ ٻين شرڪت ڪئي. وڏي وزير مراد علي شاهه صنعتڪارن کي يقين ڏياريو ته انهن جي مسئلن کي ترجيح ڏني ويندي. هن چيو ته سندس حڪومت سان لاڳاپيل معاملا صوبائي سطح تي حل ڪيا ويندا جڏهن ته وفاقي مداخلت جا معاملا اجتماعي طور تي حل ڪيا ويندا. صنعتڪارن 29 مقامي ليوي گهٽائڻ جي سفارش ڪئي .