سنڌ پوليس ۾ اي ايس آءِ جون ترقيون،آءِ جي سنڌ ۽ ٻين کي نوٽيس جاري

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ موجود آئيني بئنچ جي جسٽس ڪي ڪي آغا ۽ جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ سنڌ پوليس ۾ اي ايس آءِ جي ترقين لاءِ ڪورس جي شرط جو معاملي ۾ ڪراچي جي 6 اي ايس آءِ پاران ترقيءَ جي پاليسي ۾ تبديلي خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت آءِ جي پوليس سنڌ، ڊي آءِ جي، پوليس ايڊمن ۽ٻين واسطيدار ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، عدالت پوليس اختيارين ۽ ٻين ڌرين کي چئن هفتن اندر جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جسٽس ڪي ڪي آغا رمارڪس ڏيندي چيو ته پوليس کي اپ گريڊ ڪرڻ لاءِ اپر ڪورس لازمي هجڻ گهرجي. درخواستگذار جي وڪيل  ڪامران شهزاد صديقي چيو ته درخواست گذار 2016 کان سنڌ پوليس ۾ ذميواريون نڀائي رهيا آهن، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته ڪراچي زون ۾3327 سب انسپيڪٽر جون پوسٽون موجودآهن، ڪراچي زون ۾2873 سب انسپيڪٽر مقررآهن،  جڏهن ته ڪراچي زون ۾454 سب انسپيڪٽر جون پوسٽون خالي آهن، درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته آءِ جي پوليس سنڌ جي ترقي لاءِ ڪورس جي شرط وارو نوٽيفڪشن ڪالعدم قرار ڏنو وڃي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.