حيدرآباد ۾حيسڪو بل ادا نه ڪرڻ تي ڪسٽم آفيس جي بجلي ڪاٽي ڇڏي

حيدرآباد(رپورٽر)بجلي جا بل ادا نه ڪرڻ تي حيسڪو اختيارين ڪسٽم حيدرآباد آفيس جي بجلي ڪٽرائي ڇڏي، حيسڪو انتظاميا موجب ڪسٽم آفيس حيدرآباد مٿان 5 ڪروڙ کان وڌيڪ جي بجلي جي بلن جي مد ۾ بقايا ڄاڻائي آفيس جي بجلي ڪٽي ڇڏي آهي. جنهن ڪري آفيس اونداهي جي ورچڙهي وئي ۽ آفيس جو ڪم ڪار متاثر ٿي رهيو هو. ان سلسلي ۾ ايس ڊي او حيسڪو صابر حسين موجب  ڪسٽم آفيس طرفان بلن جون ادائگيون نه ٿي رهيون هيون ۽ بل 5 ڪروڙ کان مٿي چڙهي ويو آهي. ڪسٽم آفيس حيدرآباد بلن جي ادائيگي نه ڪرڻ تي بجلي بند ڪئي وئي آهي، هاڻ بلن جي ادائگي ڪرڻ بعد ئي بجلي بحال ٿيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.