بحريا ٽائون خلاف ڪرپشن ريفرنس، قائم علي شاهه ضمانت لاءِ عدالت پهچي ويو

ڪراچي (رپورٽر)بحريا ٽائون جي خلاف 708ارب رپين کان وڌيڪ ڪرپشن ريفرنس ۾ اڳوڻو وڏو وزير سيد سيد قائم علي  شاھه گرفتاري کان بچائڻ جي لاءِ حفاظتي ضمانت لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي ويو، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ضمانت جي لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي . درخواست داخل ڪرڻ کان پوءِ صحافي جو اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهھ کان سوال پڇيو ته ڇا توهان کي گرفتاري جو ڊپ آهي؟ سيد قائم علي شاهه چيو ته هاڻي خبر ناهي، الله بهتر ڄاڻي ٿو ڇا ٿيند، .صحافي سوال پڇيو ته اوهان خلاف 17 هزار ايڪڙ کان وڌيڪ زمين جي الاٽمينٽ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڇا چوڻ چاهيندؤ؟سيد قائم علي شاھ چيو ته منهنجي خلاف جيڪو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ان جو عدالت ۾ ئي پتو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.