بلوچ مائرون ڪاٺيون پيون ٻارين، اتان جي گئس پنجاب ۾ ٻري پئي:محمود اچڪزئي

ڪوئيٽا(م ڊ) پختونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته بلوچ مائرون ۽ ڀينرون ڪاٺيون ٻاري ماني پيون پچائن هتان جي گئس اسلام آباد ۽ لاهور ۾ ٻري رهي آهي. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي محمود خان اچڪزئي چيو ته ملڪ ۾ انصاف سڀني لاءِ هجڻ گهرجي. سنڌي، بلوچي، پختون، سرائيڪي ۽ غريب پنجابي کي حق ملندو ته ملڪ به هلندو. هن چيو ته ڊي چوڪ تي انسانن جو قتل عام ٿيو، انهن جي ايف آءِ آر وزيراعظم، محسن نقوي ۽ فوجي ڪمانڊرن تي داخل ڪيو وڃي. حڪومت انساني حق ختم ڪري ڇڏيا آهن.  هن چيو ته پيپلز پارٽي، فضل الرحمان ۽ ٻين پارٽين تي ٻڌل ڪميٽي جوڙيو، جيڪا آزاد ۽ خودمختيار اليڪشن ڪميشن جوڙي جيڪا چئن مهينن اندر چونڊون ڪرائي. هن چيو ته آئين موجب سنڌ، پنجاب، بلوچستان، خيبر پختونخوا کي پنهنجن وسيلن تي حق ڏيڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.