پارليامينٽ ميمبرن جون تڪراري سياسي اسڪيمون بحال

اسلام آباد(م ڊ) حڪومت پنهنجو پهريون سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي هلندڙ مالي سال جي پهرين 7 مهينن ۾ 460 ارب  رپين کان وڌيڪ روينيو شارٽ فال باوجود پارليامينٽ ميمبرن جي تڪراري ترقياتي اسڪيمن کي بحال ڪري ڇڏيو آهي، حڪومت پارليامينٽ ميمبرن جي ترقياتي فنڊن جي ورڇ لاءِ ضابطن ۾ نرمي ڪري ڇڏي آهي، ميمبرن جي پگهارن ۾ 300 سيڪڙو واڌ کانپوءِ ترقياتي فنڊز به جاري ڪيا ويا آهن، ترقياتي اسڪيمن جو ڪم هاڻي پاڪستان انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ ڪمپني کي ڏنو ويندو، ايس اي پي پروگرام جي بجيٽ 25 ارب مان وڌائي 50 ارب ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پيپلز پارٽي جو 30 ارب رپين جا غير استعمال ٿيل فنڊ اڳتي وڌائڻ جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو آهي، ذريعن موجب سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي اسپيڪر کي ختم ٿيل فنڊن جي بحالي لاءِ خط لکيا ويا، مالي بحران باوجود حڪومتي ميمبرن ۾ فنڊ فوري طور ورهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.