معاشي بحالي اڌوري، واپاري خساري ۾ 17 سيڪڙو واڌ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) هلندڙ مالي سال جي پهرين 7 مهينن (جولاءِ 2024ع کان جنوري 2025ع) دوران برآمد، درآمد ۽ واپاري خسارو وڌيو. ميڊيا موجب پاڪستان جي شماريات بيورو واپاري ڊيٽا جاري ڪري ڇڏي آهي. شماريات واري بيورو موجب جنوري ۾ ٻاهران شيون گهرائڻ ۾ سالياني بنيادن تي 4.59 سيڪڙو ۽ ماهوار بنيادن تي 0.31 سيڪڙو واڌ ٿي، جنهن کانپوءِ جنوري ۾ برآمد2.92 بلين ڊالر جي سطح تي رهي. پاڪستان شماريات بيورو طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب هلندڙ مالي سال جي پهرين 7 مهينن ۾ برآمد 9.98 سيڪڙو وڌي 19 ارب 551 ملين ڊالر تائين پهچي ويون. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سالياني بنيادن تي جنوري ۾ درآمد ۾ اضافو ٿيو پر ڊسمبر 2024 جي مقابلي ۾ جنوري 2025 ۾ درآمد ۾ گهٽتائي آئي، جنوري ۾ درآمد جو حجم 5.23 بلين ڊالر رهيو. شماريات واري اداري موجب هلندڙ مالي سال جي پهرين 7 مهينن ۾ درآمد ۾ 6.95 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي ۽ ان جو مقدار 33 ارب ڊالر کان وڌي ويو. پاڪستان جي شماريات بيورو جو چوڻ آهي ته جنوري 2025ع ۾ واپاري خسارو ساليانو بنيادن تي 17.78 سيڪڙو وڌيو. جڏهن ته واپاري خسارو مهيني جي بنياد تي 5.47 سيڪڙو گهٽجي ويو، جنهن کانپوءِ ان جو حجم 2 ارب 313 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو. پاڪستان جي شماريات بيورو جو چوڻ آهي ته جنوري 2025ع ۾ واپاري خسارو ساليانو بنيادن تي 17.78 سيڪڙو وڌي ويو، جڏهن ته مهيني جي بنياد تي واپاري خسارو 5.47 سيڪڙو گهٽجي ويو، جنهن کانپوءِ ان جو حجم 2 ارب 313 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو. شماريات واري بيورو موجب هلندڙ مالي سال جي پهرين 7 مهينن (جولائي 2024ع کان جنوري 2025ع) دوران واپاري خسارو 2.84 سيڪڙو وڌي 13 ارب 48 ڪروڙ 80 لک ڊالر ٿي ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.