ڄامشورو (رپورٽ: صدر الدين جوڻيجو ) فيڊريشن آف آل پاڪستان يونيورسٽيز اڪيڊمڪ اسٽاف ايسوسيئيشن (فاپواسا) سنڌ حڪومت پاران يونيورسٽين ۾ وائيس چانسلر مقرر ڪرڻ واري ايڪٽ ۾ ترميم ۽ يونيورسٽين جي خودمختياري تي حملي خلاف سنڌ جي يونيورسٽين ۾ 14 هين ڏينهن به احتجاج جاري رکيو ويو سومر ۽ اڱاري ڏينهن سنڌ جي سمورن سرڪاري يونيورسٽين ۾ تدريسي سرگرمين جي مڪمل بائيڪاٽ جي اعلان تي سنڌ جي سمورن سرڪاري يونيورسٽين ۾ تدريسي سرگرمين جو مڪمل بائيڪاٽ ڪيو ويو ان سلسلي ۾ ڄامشوري ۾ سنڌ يونيورسٽي ۽ مهراڻ يونيورسٽي ۾ به استادن احتجاجي مظاهرو ڪيو، جڏهن ته سنڌ يونيورسٽي ۾ فاپواسا سنڌ چيپٽر جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر عبدالرحمان نانگراج، ڊاڪٽر قاسم نظاماڻي، ڊاڪٽر عرفانا ملاح، امر سنڌو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾تدريسي عمل جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج ڪيو. احتجاج ۾ فيڪلٽي ميمبرن وڏي انگ ۾شرڪت ڪئي آهي، حڪومتي قدم کي يونيورسٽين جي خودمختياري کي تباهه ڪرڻ ۽ انهن جي بنيادي قدرن کي نقصان پهچائڻ جي سازش قرار ڏيندي فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ۽ چيو ته فاپواسا سنڌ اڄوڪي ڏينهن کي سنڌ جي يونيورسٽين جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن قرار ڏيندي اعلان ڪيو ته جيسيتائين هي قانون واپس نه ورتو ويندو تيسيتائين احتجاج جاري رهندو. استادن خدشن جو اظهار ڪيو ته مهذب سماجن ۾ حڪومتون تعليمي ماهرن جي راءِ جو احترام ڪنديون آهن پر سنڌ حڪومت آمراڻو رويو اختيار ڪندي استادن جي خدشن کي نظرانداز ڪيو آهي. هنن چيو ته اهڙين ترميمن جو مقصد يونيورسٽين کي مڪمل سياسي ڪنٽرول هيٺ آڻڻ آهي، وائيس چانسلرن کي رڳو بيوروڪريٽس ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي، جتي سياسي مقررين کي تدريس، تحقيق ۽ تعليمي آزادي تي اوليت ڏني پئي وڃي. هنن چيو ته صوبائي وزير پنهنجي ناقص گورننس سبب يونيورسٽين کي بند ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جلد سنڌ اسيمبلي آڏو احتجاجي مارچ ڪيو ويندو، ترميمن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، جنهن لاءِ معروف وڪيلن سان مشاورت مڪمل ڪئي وئي آهي.