قبضن وقت ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ڪٿي هئي ؟عبدالقادر پٽيل

ڪراچي(م ڊ) پ پ ايم اين اي عبدالقادر پٽيل چيو آهي ته پورٽ اينڊ شپنگ وزارت جي رپورٽ ديواني جو خواب آهي،بندرگاهه جي زمينن کي واپاري۽ رهائشي مقصدن لاءِ ته استعمال نٿو ڪري سگهجي،پورٽ ٽرسٽ کي زمين بندرگاهه جي ڪم لاءِ ڏني ويندي آهي،هن چيو ته زمين جي الاٽمينٽ صوبائي حڪومت جو حق آهي،ڪي پي ٽي ٻڌائي ته ان وٽ انهن زمينن جي سرڪاري الاٽمينٽ يا نقشو آهي؟هن چيو ته ڪي پي ٽي ٻڌائي ته جڏهن قبضا ٿي رهيا هئا ته ان جو حددخليون هٽائڻ وارو کاتو ڪٿي هو؟ هن چيو ته سنڌ حڪومت بندرگاهن ويجهو آبادين کي قانون مطابق ليز ڏني آهي،جن آبادين جو ذڪر ڪيل آهي اههي 50 سالن کان پراڻيون آباديون آهن اتي لکين ماڻهو رهن ٿا، هوڏانهن صوبائي وزير سعيد غني چيو ته ڪراچي جي زمينن تي قبضن بابت  سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس هلندا رهيا،ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ان وقت ڪٿي هو؟ بندرگاهن جي زمينن تي قبضن بابت رپورٽ کل جوڳي آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.