ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف قومي عوامي تحريڪ جو ستن ڏينهن جو شارٽ مارچ شروع

نئون ڪوٽ(ن ع آ) سنڌو تي ڌاڙي، 6 ڪئنال، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ گرين پاڪستان جي نالي ۾ سنڌ کي بنجر بڻائڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ جو نئون ڪوٽ جي علائقي نفيس ننگر کان ميرپورخاص  تائين ستن ڏينهن جو  شارٽ پيادل مارچ شروع ٿي ويو، مارچ جي اڳواڻي قومي عوامي تحريڪ مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو، ڪامريڊ ڪرڙ ريٻاري انور نوحاڻي، شوڪت نوحاڻي، مجيد ٻگھيو، نثار ڀرڳڙي، الطاف ڀرڳڙي، حيدر ڀٽي، ارباب نوحاڻي، مقصود ڀرڳڙي ۽ ٻيا ڪري رھيا آھن. مارچ جو وک وک تي مختلف ھنڌن تي گلن جي ورکا سان شاندار استقبال ڪيو. درياھ تي ڌاڙي خلاف پيادل مارچ 7 ڏينھن جاري رھندو، جھڏو، ٽنڊو جان محمد، ڊگھڙي، ميرواھ گورچاڻي، مکڻ سمون کان ٿيندو 9 فيبروري تي ميرپورخاص پريس ڪلب پھچندو، جتي قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ اياز لطيف پليجو، ھاري، آبادگار ۽ ٻيا سياسي سماجي اڳواڻ خطاب ڪندا، مختلف ھنڌن تي خطاب ڪندي مظھر راھوجي چيو ته سنڌو درياھ اسان جي ريڊ لائين آھي. 6 ڪئنال ايٽم بم کان به وڌيڪ خطرناڪ آھن. ھي 7 ڪروڙ سنڌين جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آھي، پيپلز پارٽي جا حڪمران ڪرپشن ۽ ٻين غير قانوني ڪمن ۾ ملوث ھجڻ ڪري ھر سنڌ دشمن منصوبو جوڙڻ لاءِ تيار ۽ حصيدار آھن،شوڪت نوحاڻي چيو ته وفاق ڪينال ڪڍڻ واري ھوڏ تان نه لٿو ته پوءِ سنڌي جو عوام پنجاب ڏانهن ويندڙ رستن کي بند ڪري ڇڏيندو نثار ڀرڳڙي چيو ته پنجاب جي 60 لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ جي آباد زمينن کي ڀڙڀانگ نه ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.