اسيمبليءَ ميمبرن جي پگهارن ۾ غيرمعمولي واڌ ۽ عام ماڻهن جا مسئلا

تحرير: يوسف سيف

ھڪ اھڙو ملڪ جنھن جي 80 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي پنھنجي روز مرھ جي زندگيءَ کي ھلائڻ جي لاءِ پريشان ھجي، جتي روزبروز بجلي، گئس، پيٽرول ۽ عام واھپي جي شين ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي جو لاڙو ھجي، اتي جيڪڏھن عوام جي چونڊيل نمائندن کي عوام جي نھ پر رڳو پنھنجي ئي ڳڻتي ھجي تھ ان ايوان مان عوام جي ڀلائي جي ڪھڙي اميد ڪري سگھجي ٿي.جيتوڻيڪ پارليامينٽ ميمبرن جي پگهارن ۾ واڌ  خلاف سڄي ملڪ مان عوام جو سخت ردعمل اچي رھيو آھي.پر ان ھوندي بھ اھو فيصلو تبديل تھ نھ ٿيندو. ٻئي پاسي بک، بيروزگاري، مهانگائي ۽ معاشي مسئلن ۾ ڦاٿل ماڻھو سوشل ميڊيا تي پنھنجي ڪاوڙ ظاھر ڪري اندر جي بيچيني جو اظھار ڪري رھيا آھن.عام ماڻھو جو چوڻ آھي تھ سرڪاري نمائندن لاءِ فائدا مالي فائدا ۽ ٻيون سھولتون  وڌائڻ عوام سان ناانصافي جي برابر آهي.

پگھارن ۾ ڪيل واڌ بعد قومي اسيمبلي جي ميمبر يا سينيٽر جي ماهوار پگهار  5 لک 19 ھزار  رپيا  ھوندي.هي واڌارو ان اصول تحت ڪيو ويو آهي ته پارليامينٽ ميمبرن جي پگهار ۽ فائدا وفاقي سيڪريٽري جي برابر هجڻ گهرجن. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق جي سربراهي ۾ قومي اسيمبلي جي فنانس ڪميٽي متفقه طور تي فيصلي جي منظوري ڏني آھي.اسپيڪر اياز صادق تھ وري بھ عوام جي ٽيڪس جو خيال ڪندي، ان جي اڌ جيتري پگھار ڪئي آھي، اصل ۾ ايوان جي ميمبرن ويچارن جي تھ گھر ھئي تھ سندن ماھوار پگھار 10 لک رپيا ھجڻ گھرجي.

ماڻھو اھو سوال پڇڻ ۾ حق بجانب آھن تھ آخر ھن وقت پارليامينٽ ميمبرن جي پگهارن ۾ واڌ  ڪرڻ ڇو ضروري هئي؟ ان جا ڪيترائي ئي جواب ٿي سگھن ٿا، ممڪن آھي ان جو ڪو ٺوس جواز ھجي پر ان ھوندي بھ عوام جي ڀيٽ ۾ انھن کي وڌيڪ رعايت ملڻ سان اھو سوال بھ پئدا ٿئي ٿو تھ ايوان جي ميمبرن کي نوازڻ جو ڪو ٻيو مطلب بھ ٿي سگھي ٿو ؟ ٽين دنيا جي ٻين ملڪن جيان پاڪستان ۾ به مهانگائي جي شرح تاريخ جي بلند ترين سطح تي آهي. پيٽرول، بجلي، گئس ۽ کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ لڳاتار  واڌ جي ڪري عام ماڻھو جي حياتي گھڻي ڏکي ٿي وئي آھي.

ھاڻوڪي حڪومت ڪفايت شعاري جو سبق تھ سيکاري ٿي پر ان تي خود عمل ڪرڻ جي لاءِ تيار نھ آھي.ڪجهھ ماھرن جو خيال آھي تھ ڪنھن کي بھ ڪجهھ سيکارڻ جو مطلب ھوندو آھي تھ ڪو مثال قائم ڪيو وڃي، جڏھن عوام جا ميمبر عوام کي  ”چادر مطابق پير ڊگھرڻ جو سبق“ ڏين ٿا تھ ماڻھو اھو بھ ٻڌندا، ڇاڪاڻ جو  عوامي نمائندا چون ھڪ ڳالهھ ٿا ۽ ڪن ان جي ابتڙ ٿا. ان ڪري ماڻھو پڻ اھو ئي ڪرڻ چاھيندا جيڪي سندن اڳواڻ ڪن ٿا.پاڪستان ھڪ غريب ملڪ آھي، جتي غربت جي شرح وڌي رهي آهي.لڳاتار وڌندڙ مھانگائي جي ڪري ھر مھيني عام ماڻھو جي بجيٽ تي ڪنھن نھ ڪنھن مد ۾ اضافي ٿئي ٿو، جنھن ڪري عام ماڻھو،گهر جو خرچ 30 کان 40 هزار رپين ۾ پورو  نٿو ڪري سگھي اھڙي صورت حال ۾  پارليامينٽ جا ميمبر 5 لکن کان وڌيڪ پئڪيج وٺي رھيا آھن. ان جو آخر ڪھڙو جواز بڻجي ٿو ؟

جيڪڏھن ان جي ٻئي پھلو کي ڏسجي تھ هن وقت پاڪستان 130 ارب ڊالر کان وڌيڪ رقم جو پرڏيهي قرض آهي معيشت جو ڦيٿو رڳو پرڏيهي امداد ۽ قرضن تي هلي رهيو آهي.بدقسمتي سان ڪنھن بھ حڪومت ملڪ کي ڏيوالپڻي مان ڪڍڻ جي لاءِ ڪنھن ھاڪاري معاشي پروگرام جوڙڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي بدران رڳو ان جو ھڪڙو  ئي رستو ڏٺو آھي، اھو آھي آءِ ايم ايف جي در تي حاضري ڀرڻ ۽ ان جي اڳيان ٻاڏائڻ. وري بنھه بي نڪائي سان ان تي ملڪ ۾ شادماني ڪئي  ويندي آھي.ملڪ جي اڪثريت جڏھن بنيادي سهولتن کان محروم ھجي، ان جي اڳيان رقم جو وڏو حصو ماڻھن کي سھولتون مھيا ڪرڻ جي بدران عياشين تي اُڏي رھيو ھجي تھ پوءِ ماڻھو اھو بھ سوال ڪن ٿا تھ پارليامينٽ ميمبرن جي پگهارن ۾ واڌ لاءِ بجيٽ ڪٿان ايندي؟

اھو درست آھي تھ پارليامينٽ جي ميمبرن جي ڪم ڏينھن رات جو آھي پر عوام کي شڪايت اھا آھي تھ  جيڪو ڪم انھن جي ذمي آھي اھو ٿئي تھ گھٽ ٿو، ڇاڪاڻ جو حڪومت جو ڪم ئي عوام کي سھولتن فراھم ڪرڻ جي لاءِ قانون جوڙڻ ھوندو آھي.ممڪن آھي تھ ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ پارليامينٽ جي ميمبرن  جي پگھار گھٽ ھجي. پر جيڪڏھن ڳالھھ ٿيندي انھن جي رعايت جي تھ پوءِ اسان واري ايوان جي ميمبرن ۽ مٿين سطح جي نوڪر شاھي کي ملندڙ رعايت شايد وڌيڪ ھجي.دنيا جي ٻين ملڪن آمريڪا، برطانيا ۾ پارليامينٽ جي ميمبرن جي پگهار جي ڀيٽ ڪجي ٿي تھ پوءِ اھو سوال ڇو نٿو سامھون سامھون رکيو وڃي تھ اتي جي عوام، پورھيت ۽ سرڪار جي ھيٺين سطح جي ملازمن جي پگھار ڪيتري آھي ؟

پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ مشڪل سان ھڪ ماڻھو سراسري طور 32 ھزار ڪمائي سگھي ٿو يا وري ان جي مزدوري، محنت جو اجورو ان کي ايترو ڏنو وڃي ٿو.حڪومت کي پهرين ماڻهن جي بنيادي ضرورتن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. جيڪڏهن قومي خزاني ۾ پارليامينٽ جي ميمبرن جي پگهارن ۾ واڌ لاءِ ڪافي گنجائش آهي، ته پوءِ اها ئي رقم تعليم، صحت ۽ ٻين ماڻھن جي سهولتن ۾ ڇو نه پئي  لڳائي  وڃي؟ سڌريل ۽ اسريل ملڪن ۾ حڪومت جو  بنيادي مقصد عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ ھوندو آهي. جتي ماڻھن کي ٽرانسپورٽيشن، صحت ۽ تعليم جي شعبي ۾ بھترين سھولتون مھيا ڪيون ويون آھن.ان جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ حڪومت  صرف ۽ صرف بجيٽ جو سمورو بار عوام جي  ڪلھن تي وجھي ٿي ڇڏي.وقت جي حڪومت جي سياسي پاليسن کي ڇڏي ڪري جيڪڏھن رڳو عوام جي ڀلائي واري پاسي ڌيان ڏجي تھ ھن وقت تائين حڪومت سياسي ميدان ۾ جاري ڇڪتاڻ جي ڪري ماڻھن جي بھتري جي لاءِ ڪو وڏو ڪارنامو تھ ڇڏيو پر مھانگائي گھٽ ڪرڻ، بجلي،گئيس ۽ پيٽرول جي قيمتن کي گھٽ ڪرڻ جھڙن اھم مسئلن کي حل ڪرڻ ڏانھن ڪو بھ ڌيان نھ ڏنو آھي.

ھن ملڪ جي عام ماڻھو ڪو ڪيس ڪا بھ حڪومت ٻڌڻ سمجھڻ ۽ ان کي حل ڪرڻ جي زحمت ڪرڻ جي لاءِ تيار نھ آھي. جيڪا حڪومت ماڻھن جا مسئلا حل ڪرڻ بدران مخصوص ايجنڊا تي ڪم ڪندي اھا عوام حمايت ۽ ماڻھن جي پٺڀرائي کان  محروم ٿي ويندي.پارليامينٽ ميمبرن جي پگھار وڌائڻ سان ممڪن آھي تھ ايون ۾ خاص نوعيت جي قانون جوڙڻ جي لاءِ  پيش ٿيندڙ بلن،قانون ۽ رٿن تي حڪومت کي حمايت ملي وڃي پر اھا حڪومت ماڻھن جي دلين تي حڪمراني نٿي ڪري سگھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.