اسلام آباد ۾ نوجوان صحافين جي اڪثريت گهڻي مايوس آهي.کين وڏي اميد ھئي پارليامينٽ جي ٻنھي ايوانن مان گھڻي ”تڪڙ “ ۾ منظور ٿيل پيڪا قانون کي صدر آصف علي زرداري لاڳو ٿيڻ نه ڏيندو،توثيقي دستخط ڪرڻ بدران ان کي نظرثاني جي لاءِ پارليامينٽ کي واپس موڪليندو.ٻيو اھو تھ ان وچ ۾ صحافين جي هڪ گروپ کي درخواست ڪئي ويندي ته اهي پنهنجا خدشا لکت ۾ بيان ڪن ۽ ان تي همدردي سان غور ڪندي پيڪا قانون کي”نرم ۽ معقول” بڻايو وڃي.
زمانو ٿيو منھنجي صدر پاڪستان صدر آصف علي زرداري سان تھ پري جي ڳالھھ آھي ڪنھن ٽئين درجي جي سياستدان سان بھ ملاقات ناھي ٿي.پراڻي دور جي صحافت کي ڏهاڪا ڏيڻ بعد، مان پاڻ کي سياستدانن جي”دائي” سمجهان ٿي. انهن سان ملڻ بنا ئي انھن جي ترجيح سمجهه ۾ اچي ويندي آهي.پنھنجي ڪيترن ئي دوستن جي ڀيٽ ۾ ، بيگم نصرت ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو جي مهرباني سان انهن جي سياسي وارثن کي ويجهڙائي سان ڏٺو آهي. منهنجو تجربو اصرار ڪري ٿو ته ڊگهي جلاوطني کان پوءِ 2007 ۾ بينظير ڀٽو جي بازار وچ ۾ شهادت سندس مڙس ۽ ٻارن کي گهڻو ڪجهه سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آھي.
روايتي ميڊيا، جيڪا اڳ ۾ صرف اخبارن تي مشتمل هئي، هميشه محترمه بينظير ڀٽو تي تنقيد ڪندڙ رھي.سندس ڊگھي جدوجھد کانپوءِ 1988ع ۾ قائم ٿيل حڪومت کي پھرين ڏينھن کان ”نقاد“ پريس کي منھن ڏيڻو پيو. محترمھ جي اقتدار سنڀالڻ کان اڳ ئي فيصلو ٿي ويو ھو تھ 1988 جي آخري مھيني ۾ اسلام آباد ۾ سارڪ ڪانفرنس اجلاس ٿيندو.ان ۾ شرڪت جي لاءِ هندستاني وزيراعظم راجيو گانڌي پڻ تصديق ڪري ڇڏي هئي. ضياءُ الحق جي هوائي حادثي ۾ اوچتي فوت ٿيڻ کان پوءِ، محترمه بينظير ڀٽو وزيراعظم چونڊي وئي تھ، ذڪر ڪيل ڪانفرنس کي شيڊول مطابق جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو.اھا ڪانفرنس محترمه جي شروعات جي ڪري منعقد نه ٿي هئي.
اڳواٽ ئي طئي ٿيل ان ڪانفرنس کي بھرحال اسان جي "ڊيپ اسٽيٽ” ميڊيا ذريعي اهڙي طرح پيش ڪيو ڄڻ ته اها محترمه بينظير ڀٽو جي خواھش تي منعقد ٿي رهي آھي.جنھن ۾ هندستاني وزيراعظم راجيو گانڌي جي شرڪت اصل ۾ پاڪستان ۽ هندستان جي ٻن نوجوان وزيراعظمن جي دلين ۾ اُڀرندڙ خواهش جو اظهار آهي ته "ڪشمير کي وساري” پاڪ-ڀارت لاڳاپا معمول تي آندا وڃن. جيڪو تاثر پکيڙيو ويو ان کي ٺوس "مواد” مھيا ڪرڻ جي لاءِ خبر پکيڙي وئي ته اسلام آباد ۾ "ڪشمير هائوس” رستو ڏيکاريندڙ روڊ تي اشارو( بورڊ) ھٽايا ويا آھن. جڏهن اھا خبر گردش ڪري رهي هئي، تڏهن مون، هڪ ڪئميرامين سان گڏ رات جو 11 وڳي کان پوءِ اسلام آباد ۾ هڪ نه پر ٽن هنڌن تي "ڪشمير بورڊ” جون تصويرون ڪڍي ورتيون. آفيس آيس ۽ ان بابت هڪ خبر ٺاهڻ چاهي، تھ مون کي ٻڌايو ويو ” گھڻي دير ٿي وئي آهي.” منهنجي آندل خبر کي ٻئي ڏينهن ڇاپي سگهجي ٿو. پر ٻئي ڏينهن، اھا اوچتو "سسٽم” مان غائب ٿي وئي. مون کي ان جي "گم” ٿيڻ جو سبب سمجهه ۾ اچي ويو. خاموش رهي پنهنجي نوڪري بچائي ورتي.
سارڪ سربراهي اجلاس ۾ هندستاني وزيراعظم سان ٻطرفي ملاقات کان پوءِ، محترمھ، وزيراعظم راجيو گانڌي کي قائل ڪيو ته سياچن گليشيئر تي هندستاني فوج جي موجودگي هر لحاظ کان وسيلن جو زيان آهي. بهتر ٿيندو ته ٻئي ملڪ هن گليشيئر کي فوجي تڪرارن جي نذر نھ ڪري.هندستاني وزيراعظم کي اهو خيال پسند آيو. پر تاريخي رڪارڊ شاهد آهن ته جڏهن راجيو گانڌي واپس موٽيو ته سندس فوج ۽ دفاع واري وزارت سياچن جي حوالي سان لچڪ ڏيکارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
محترمھ جي ذات کي سڌو سنئون نشانو بڻائڻ بدران، ميڊيا جو ڌيان سندس مڙس، آصف علي زرداري ڏانهن ڙيو ويو.ھن خلاف مسلسل ڪرپشن جون ڪهاڻين آخرڪار آگسٽ 1990 ۾ غلام اسحاق خان کي صدر جي حيثيت سان سندس پهرين حڪومت کي ختم ڪرڻ جو جواز پيش ڪيو. محترمھ جي حڪومت کي برطرف ڪرڻ کان پوءِ، آصف علي زرداري کي ڪيترن ئي ڪرپشن ڪيسن ۾ جيل موڪليو ويو. لطيفو اھو ٿيو تھ آصف علي زرداري کي ڪرپشن ۽ برائي جي آخري علامت سڏڻ جي باوجود، جڏهن غلام اسحاق خان اپريل 1993 ۾ نواز شريف جي پهرين حڪومت کي ٽوڙي هڪ عبوري نگران حڪومت ٺاهي، ته محترمھ جي مڙس کي ان ۾ بجلي ۽ توانائي واري اهم وزارت سونپي
وئي.
واقعا اڻ ڳڻيا آهن سڀني جو ذڪر ڪندس تھ ھڪ ڪتاب لکڻو پوندو. انهن سڀني واقعن کي ذهن ۾ رکندي، مان اھو سوچڻ تي مجبور ٿي ويندو آهيان ته آصف علي زرداري ۽ سندس ٻار اهو سوچڻ ۾ بلڪل غلط نه آهن ته ميڊيا سندس خاندان کي لڳاتار واجب يا غيرواجب سببن جي ڪري تنقيد جو نشانو بڻايو آھي. سچ اهو آهي ته سڀني جي تنقيدن باوجود، پيپلز پارٽي 1988 کان 2013 تائين اقتدار ۾ ايندڙ ٽن حڪومتن دوران ميڊيا کي انقامي ڪارروائي جو نشانو بڻائڻ کان پاسو ڪيو.
پر هاڻي وقت بدلجي ويو آهي. 2025 ۾، "صحافي” رياست جو چوٿون ٿنڀ نه رھيا آھن.اڄوڪن ڏينهن جو "حڪومتي بندوبست” ظاهري طور تي هڪ خيمو آهي جيڪو صرف هڪ ٿنڀ يعني رياست جي سڀ کان وڏي اداري جي سھاري بيٺو آھي. رياست جي اھا خواھش ھئي تھ حڪومتي بندوبست پنهنجي ۽ رياست جي بقا لاءِ سوشل ميڊيا تي لغام وجھجي.اھو لغام تيار ٿي ويو آھي.ته جو استعمال ضروري هو. ان لغام مان ڪيڙا ڪڍڻسرڪاري انتظام لاءِ خطرناڪ ٿي سگهي ٿو. هاڻوڪي دور جي سياست ذوالفقار ڀٽي جي ٻڌايل "شاعري ۽ رومانس جو ميلاپ” نه رهي آهي. اها صرف اقتدار جي خواهش آهي ۽ اقتدار جي خواهش فيبروري 2024 جي چونڊن ظاهري طور تي کٽي وڃڻ باوجود پوري نھ ٿي ٿئي.
صدارت، وزيراعظم ۽ ٻيا آئيني ۽ سياسي ادارا حاصل ڪرڻ لاءِ "ڪنهن ٻئي هنڌ” رجوع ڪرڻو پوندو. حقيقت پسندي سان منهنجن ساٿين مسئلي تي غور نه ڪيو. ان اميد تي ويٺا رھيا ته پنهنجي "ماضي” کي ذهن ۾ رکندي، پيپلز پارٽي جو صدر آصف علي زرداري پيڪاقانون تي توثيقي صحيح نه ڪندو. ان سلسلي ۾ انهن کي اهو به شڪ هو ته شايد مولانا فضل الرحمان جي "سفارش” انھن جي ڪم اچي ويندي. وقت بدلجي ويو آهي دوست. هاڻي هتي ڪو به نه، ڪوبھ نھ ايندو.