ميرپورخاص(بيورورپورٽ) سانگھڙ واري واقعي خلاف ميرپورخاص جي وڪيلن پاران هاءِ ڪورٽ ۽ ٻين عدالتن جي ڪاروائين جو مڪمل بائيڪاٽ ڪري احتجاجي ريلي ڪڍي ڪورٽ جي گيٽ تي احتجاج ڪيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن وڪيل مير پرويز ٽالپر، وڪيل عبدالغفار ناريجو، وڪيل افضل ڪريم ۽ ٻين چيو ته سانگھڙ ۾ ٿيل دهشتگردي بعد وارث انصاف لاءِ چئن ڏينهن کان لاشن سميت روڊن تي ويٺا آهن پر هن وقت تائين قاتلن خلاف پوليس ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي هنن چيو ته ملڪ جي آئين ۽ قانون موجب متاثر ڌر سان ٿيل ظلم خلاف وارثن جي مرضي مطابق ڪيس درج ڪرڻون آهي جنهن تي جاچ ٿيندي پر سانگھر ۾ قانون جا محافظ قانون جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن جيڪو انتهائي مذمت جوڳو عمل آهي هنن مطالبو ڪيو ته سانگھڙ واقعي جي متاثرن کي فوري طور انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ وارثن پاران نامزد ڪيل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري متاثرن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.