ميھڙ (نمائندا) جي ڊي اي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وڏي وزير لياقت علي جتوئي سانگھڙ واقعي جي مذمت ڪندي چيو آھي ته سنڌ ۾ لاقانونيت جي انتھا ٿي وئي آھي . سانگھڙ واقعي جا لاش 4 ڏينھن کان پيل آھن ، سنڌ ۾ بي گناھ ماڻھن کي قتل ڪيو پيو وڃي . انصاف نالي ڪا به شي ناھي حڪمران ماڻھن کي ماڻھو نه ٿا سمجھن . اھڙو رويو ناقابل برداشت آھي . اسان مقتولن جي وارثن سان گڏ آھيون . حڪمران ھي جيڪا گندي روايت وڌي آھي .
ان جو خاتمو ضرور ٿيندو. ھنن جو احتساب ضرور ٿيندو. جي ڊي اي پاران سنڌو درياء مان ڪئنال ڪڍڻ ، ڪرپشن ، مهانگائي ،.لاقانونيت خلاف 8 فيبروري تي ڪارو ڏھاڙو ملھايو پيو ويندو . ھن چيو ته سانگھڙ واقعي م ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري مقتولن جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي . حڪمرانن وٽ ماڻھن جي ڪا قيمت ناھي .