سانگهڙ ۾ قانون، انصاف ۽ جمهوريت جا جنازا رکيل آھن: ام رباب

ميھڙ (رپورٽ: فراز چنا ) ام رباب چانڊيو پنھنجي ويڊيو بيان ۾ چيو آھي ته مان سانگھڙ جي رھواسين سان تعزيت ۽ ڏک جو اظھار ڪيان ٿي، مان به ظلم جو شڪار آھيان پنھنجن جا لاش کنيا آھن، مان حيران آھيان ته سانگھڙ ۾ قتل ٿيل جا وارث جنازه روڊن تي رکي ويٺا آھن سندن ڪيس داخل نه پيو ٿئي،  جن کي بي دردي سان قتل ڪيو ويو آھي. انصاف لاءِ احتجاج ڪري رھيا آھن. مان سمجھان ٿي ھي جنازه صرف ٽن شھرين جا جنازه نه پر قانون انصاف ۽ جمهوريت جا جنازه آھن، انسانيت قانون ۽ آئين جا جنازه آھن، سموري دنيا ڏسي رھي آھي اوھان جو نظام بي حس ٿي ويو آھي، ڪيس ان ڪري داخل نه پيو ٿئي جو قتل جو الزام پ پ پ جا چونڊيل نمائندن تي آھي. ھي نظام ناڪام تي چڪو آھي. عام ماڻھو ھن نظام مان انصاف جي ڪھڙي اميد رکي سگھي ٿو، مان سنڌ جي عوام کي چوان ٿي ظلم خلاف جدوجھد تيز ڪن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.