سکر (رپورٽ: آزاد مهر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاھ ۽ ٻيا آمدن کان وڌيڪ اثاثا ڪيس ۾ نيب عدالت سکر ۾ وڪيل مڪيش ڪمار ڪارڙا ۽ محفوظ اعواڻ سان گڏ پيش ٿيا، نيب عدالت جي جج ياسين ڪولاچي ريفرنس جي ٻڌڻي ڪندي مک شاھد عديل مرزا جو بيان ريڪارڊ ڪرايو ويو، جنهن بعد ريفرنس جي جوابدارن جي وڪيلن دفاع ۾ دليل ڏنا، عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ ٻڌڻي 18 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي، هوڏانهن ريفرنس ۾ نامزد جوابدارن ريفرنس کي سياسي قرار ڏيندي پاڻ کي بي ڏوهي قرار ڏين پيا، ياد رهي ته سکر نيب پاران پ پ جي مرڪزي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاھ سميت 18 جوابدارن خلاف آمدن کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جو ريفرنس نيب عدالت ۾ موڪليو هيو جيڪو ٻڌڻي هيٺ آھي.