حڪمران لکين ايڪڙ زمين تي قبضي بعد سنڌ جو پاڻي وڪڻن پيا، سجاڳ ٿيو: قادر مگسي

گهوٽڪي/ ميرپورماٿيلو / ڏهرڪي(نمائندا) پنجاب جي ريگستان کي آباد ڪرڻ لاءِ سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪئنال ٺاھڻ خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران پريس ڪلب گھوٽڪي کان پارٽي سربراھ ڊاڪٽر قادرمگسي، ڄام عبدالفتح سميجو، نثار احمد ڪيريو، خالد لاکو  زبير خان چاچڙ، ڄام معشوق سميجو جي اڳواڻي ۾ پاڪستان چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته نوان ڪئنال ٺاھڻ کان پوءِ  سکر بئراج کان اڳتي پاڻي جو ڦڙو به نه پھچندو ۽ زمين  ته ڇا درياهه به سڪي ويندو، اڳ ئي سنڌ ۾ 2000ع کان وٺي پاڻي جي کوٽ آھي، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، دادو شھدادڪوٽ، بدين،ٺٽو، ميرپور خاص سميت ڪيترن ئي ضلعن ۾ پاڻي جي کوٽ آھي، اتي وري ٻيھر سنڌو درياهه تي ڌاڙو ھنيو پيو وڃي، ميرپورماٿيلو جي نمائندي پريم راٺوڙ موجب سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي خلاف ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي ريلي جي صورت ۾ ميرپورماٿيلو پهتو جتي سندس ڪارڪنن پاران شاندار استقبال ڪري مٿس گلن جي ورکا ڪئي وئي، ان موقعي تي ريلي ڪڍي ڀٽائي چوڪ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو، ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين تي قبضو ڪيو  ويو آهي ۽ هاڻ حڪمران سنڌ جو پاڻي وڪڻي سنڌ کي سڪائڻ چاهين ٿا جيڪا هن جي ڀل آهي، هن وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت لولي، لنگڙي آهي جيڪا پ پ جي سهاري تي هلي ٿي، سنڌ جي پاڻي تي قبضي واري جوڙيل منصوبي خلاف 24 فيبروري تي ايس ٽي پي پاران حيدر چوڪ حيدرآباد احتجاج رٿيل آهي ان ۾ وڌ ۾ وڌ شرڪت ڪري ڌرڻي کي ڪامياب ڪندا، ڏهرڪي جي نمائندي آصف شر موجب ڏهرڪي ۾ جامع مسجد چوڪ آڏو احتجاجي جلسي کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته 77 سالن کان وفاق جيڪا سنڌ سان ظلم ڪري رھيو آھي ان جي انتھا آھي، پنجاب پھرين ئي سنڌ جو پاڻي چورائي سنڌ جي  لکين ايڪڙ زمين تباھ ڪري رھيو آھي، نئين منصوبي تحت قبضو ڪرڻ ۽ سنڌ جو پاڻي کڻي سنڌ کي سڪائڻ چاهي ٿو، سنڌ جا وڏيرا سردار وڪجي چڪا آھن ان لاءِ جو ھن قاتل منصوبي تي خاموش آھن، سجاڳ ٿيو، سنڌ جي مالڪي ڪيو پنھنجيون زندگيون بچايو، سنڌ کي سوڪھڙي کان بچايو، 6 ڪينال نڪتا ته سنڌ قبرستان جو ڏيک ڏيندي، ان موقعي تي ڄام فتاح سميجو، زاهد ميراڻي، نواز جلباڻي، عاجز گبول ۽ ٻين خطاب ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.