بدين (رپورٽ: رازق ڏنو کوسو ) ڏيئي شهر ڀرسان ڳوٺ غلام حيدر جمالي درگاهه شريف شاهه وٽ صبح سوير ٻني مان گاهه ڪري واپس موٽندڙ رانجهن جمالي ۽ سندس زال کان ٻٽُ ٻڌل نامعلوم ماڻهن ڏيئي شهر جو معلوم ڪيو ته ڏيئي ڪٿي آهي رانجهن کين ڏس ڏنو ته پويان ويٺل نامعلوم ماڻهو مٿس پسٽل جا سڌا فائر ڪري رانجهن جمالي کي موقعي تي قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته ساڻس گڏ زال کي خاموش رهڻ جو چئي فرار ٿئي ويا واقعي بعد ڏيئي پوليس ايس ايڇ او طفيل جلالاڻي واقعي واري جاءِ تي پهچي لاش کي پنهنجي تحويل ۾ ورتو ۽ پوسٽ مارٽم لاءِ ٽنڊوباگو سرڪاري اسپتال پهچايو ٻئي پاسي ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته رانجهن اصل ڏيئي جو نه پر نواب شاهه جو رهاڪو هو جتي هن ڏهه سال پهرين پنهنجي سڳي مامي کي قتل ڪيو هو جنهن بعد اتان فرار ٿئي ڏيئي جي مختلف ڳوٺن ۾ گذريل ڏهه سالن کان رهائش پزير هو جتي هو پنهنجو نالو امامداد ۽ ذات بليدي ٻڌائيندو هو ۽ ڏيئي ۾ زمين جو هارپو ڪندو هو، ٻئي پاسي ڏيئي پوليس پاران آخري اطلاع تائين واقعو جو ڪيس داخل نه ٿئي سگهيو هو ٻئي پاسي قتل ٿيل رانجهن جمالي جي پيُ فقيرمحمد جمالي صحافين کي چيو ته منهنجي پٽ جا قاتل گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.