لکي غلام شاهه(رپورٽ: نديم جان مهر) رستم ٿاڻي جي حد ڳوٺ شعبان ڪرسي جتوئي ويجهو زال مڙس پٽ سميت اغوا ٿي ويا، هٿياربند عورت کي ڇڏي پي ءُ پٽ کي کڻي ويا. رستم ٿاڻي جي حد ڳوٺ شعبان ڪرسي جتوئي ويجهو ڪرم پور موڙ واسي ڪچين ڀتين جو ڪم ڪندڙ پورهيت ڪامورو اوڏ سندس گهر واري گل بانو ۽ معصوم پٽ انصاف اوڏ کي هٿياربند اغوا ڪري ويا. پورهيت عورت گل بانو اوڏ کي چمن سکپور ويجهو آزاد ڪيو ويو جڏهن ته پورهيت پي پٽ کي ڌاڙيل ڪچي طرف کڻي ويا اهڙي اطلاع تي پوليس ۾ ٿرٿلو مچي ويو. عورت پاران پوليس کي اطلاع ڪيو ويو ٻن پيءُ پٽ جي اغوا واري اطلاع تي ڪرمپور ويجهو اوڏ برادري غم واري لهر ڇانئجي وئي.