ڪراچي( رپورٽر)گذريل ڏينهن واپاري اڳواڻ عتيق مير سنڌ جي وڏي وزير کي پنجاب جي حوالي ڪرڻ ۽ مريم نواز کي سنڌ آڻڻ واري بيان جي وضاحت ڪئي.پيپلز پارٽي جي سخت ردعمل کانپوءِ واپاري اڳواڻ عتيق مير سوشل ميڊيا تي وڊيو بيان جاري ڪري پنهنجي بيان جي وضاحت ڪئي آهي.عتيق مير جو چوڻ آهي ته مان مريم نواز کي سنڌ کي ڏيڻ واري ڳالهه مزاق طور چيو هو، مون اها ڳالهه ڪنهن به مڪاني ادارن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان ناهي ڪئي،مريم نواز ڪارڪردگي ذريعي پنجاب ۾ ڪهڙا ڦاڙا ماريا ويا آهن، واپاري اڳواڻ جو وڌيڪ چوڻ هو ته مريم نواز جو معاملو به پنهنجي والد ۽ چاچي وانگر آهي، هو چون ٿا اسان جو ڪم نه ڏسو بس رڳو دورا ڏسو.