ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ گم ٿيل شهرين جي بازيابي جي حوالي سان ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي،جسٽس صلاح الدين پنهور پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته جي آءِ ٽيز جو ڪو به فائدو ناهي، جي آءِ ٽيز اجلاسن ۾ ڪجهه به نه ٿو ٿئي، جي آءِ ٽيز اجلاس ۾ گم ٿيل شهرين جي گهر وارن کي اميد ڏياري ويندي آهي پر ٿيندو ڪجهھ به ناهي، جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته جاچ آفيسرن کي ڪو تربيت ڏني وئي آهي يا ائين ئي عدالت ۾ هليا اچن ٿا، عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته شهري واجد حسين 2018 کان گم آهي، هاڻي تائين ڪهڙي ڪارروائي ڪئي وئي آهي؟، جاچ آفيسر جو چوڻ هو ته گم ٿيل شهري جي بازيابي لاءِ جي آءِ ٽي جون ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿيون آهن، عدالت جاچ آفيسر کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته جي آءِ ٽيز اجلاسن جي نالي تي شهرين جي گهر وارن کي اميد ملي ٿي ۽ ٿي ڪجهه به نه ٿو،جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته جي آءِ ٽي جو ڪو به ڪردار ناهي، جي آءِ ٽي جي اجلاسن سان ڪجهه به حاصل نه ٿيندو آهي، عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا گم ٿيل شهري جي موبائل نمبر جو سي ڊي آر ڪڍيو ويو هو؟ جاچ آفيسر چيو ته نمبر جي ، سي ڊي آر ڪڍڻ لاءِ موڪليو ويو آهي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته 2018 کان وٺي نمبر جو سي ڊي آر نه ڪڍرايو ويو آهي،عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪندي چيو ته توهان ڪيتري عرصي کان هن ڪيس ۾ جاچ آفيسر آهيو؟ گلستان جوهر پوليس اسٽيشن جي جاچ آفيسر چيو ته مان ٽن مهينن کان سندس جاچ آفيسر آهيان، جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته ٽن مهينن کان پوءِ به سي ڊي آر جاري نه ڪئي وئي آهي، عدالت درخواست جي وڌيڪ ٻڌڻي چئن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي آهي .