حيدرآباد(رپورٽر) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي حلف کڻڻ کانپوءِ جاري ڪيل حڪمن تي عمل ڪندي سڄي دنيا ۾ غيرسرڪاري تنظيمن ۽ انساني حقن لاءِجاکوڙيندڙ ادارن کي مالي مدد ڪندڙ آمريڪي ڊونر ادارن پنھنجي فنڊنگ بند ڪري ڇڏي آھي. جنھن ڪري پاڪستان سميت دنيا جي سمورن ملڪن ۾ انھن ادارن جي فنڊنگ سان ھلندڙ سماجي ڪم ۽ انساني حقن جي جاڳرتا وارا پروگرام في الحال رولڙي جو شڪار ٿي ويا آھن. ذريعن موجب پاڪستان ۾ پڻ ڪيترن ئي ادارن جي فنڊنگ روڪي وئي آھي. جنھن سبب انھن ادارن جا انساني حقن اقليتن جي حقن ۽ عورتن جي حقن سان لاڳاپيل پروجيڪٽ معطل ٿي ويا آھن ۽ ھزارين سماجي ڪارڪن بي روزگار ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آھي.