سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 12 ايڊيشنل ججن جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد (بيورو+م ڊ ) صدر آصف علي زرداري سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 12 ايڊيشنل ججن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. قانون ۽ انصاف واري وزارت صدر جي منظوري سان باضابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جنهن موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ جي نون ايڊيشنل ججن کي هڪ سال جي مدي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي. نون ايڊيشنل ججن ۾ ميران محمد شاهه، تسنيم سلطانه، رياضت علي سحر، محمد حسن، خالد حسين شاهاڻي، عبدالحميد ڀرڳڙي، سيد فياض الحسن شاهه، جان علي جوڻيجو، نثار احمد، علي حيدر، محمد عثمان علي، جعفر رضا شامل آهن. نوٽيفڪيشن موجب نون ايڊيشنل ججن جي مقرري جو مدو حلف کڻڻ واري ڏينهن کان شروع ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.