اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڳالهين کان پاسو ڪرڻ غير جمهوري رويو آهي، ان سان ڇڪتاڻ جو ماحول پيدا ٿيندو آهي ۽ قومي يڪجهتي جي فضا کي به نقصان پهچندو آهي، ڪالهه پي ٽي آءِ سان ڳالهيون ڪندڙ ڪميٽي جي ترجمان سينيٽر عرفان صديقي وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪري بريفنگ ڏني، ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته سياسي جماعتون جو پاڻ ۾ رابطو ۽ ڳالهيون جمهوريت جو روح آهن، رابطن سان مسئلا حل ڪرڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي تيار ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي، هن چيو ته پاڪستان کي ڇڪتاڻ جي نه پر مفاهمت ۽ هم آهنگي جي ضرورت آهي ته جيئن معيشت جي تعمير ۽ دهشتگردي جي خاتمي جهڙن مسئلن جي حل لاءِ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪري سگهجي، هن چيو ته ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي، عالمي سطح تي وقار بلند ٿي رهيو آهي، اسان ان جي اجازت نه ڏينداسين ته غير جمهوري روين سان ملڪي تعمير ۽ ترقي ۾ رنڊڪ وڌي وڃي، ٻي پاسي اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو منهنجو وس هلي ته ٽيڪس جي شرح 15 سيڪڙو گهٽ ڪري ڇڏيان پر آءِ ايم ايف سبب مجبوري آهي، بجلي سستي ٿيڻ تائين ترقي نٿي ٿي سگهي، بجلي سستي ڪرڻ لاءِ رات ڏينهن ڪم ڪري رهيا آهيون، ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ بجلي اگهن ۾ واضح گهٽتائي ايندي، سندس چوڻ هو ته خرچ گهٽائي رهيا آهيون، پي ڊبليو ڊي کي ڪرپشن سبب بند ڪري ڇڏيو، قومي ايئر لائن کي شفاف نيلامي جي عمل سان نجي شعبي کي ڏينداسين، پاڪستان جي نجي شعبي وٽ اها سگهه آهي ته قومي ايئر لائن کي خريدي، وزيراعظم چيو حڪومت سيڙپڪارن جون رنڊڪون ختم ڪري رهي آهي، ملڪي ايڪسپورٽ ۽ ناڻي جي پهچ ۾ واڌ ٿي رهي آهي، ملڪ کي جلد پيرن تي بيهارينداسين.