اڃا مخصوص سيٽن جي فيصلي تي عمل ناهي ٿيو: جسٽس عائشه

اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ 26هين آئيني ترميم خلاف داخل درخواستن تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا،  جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ 8 رڪني بئنچ 26هين آئيني ترميم خلاف داخل درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران درخواستگذارن جي وڪيل 26هين آئيني ترميم خلاف فل ڪورٽ بئنچ جوڙڻ جي استدعا ڪئي، جسٽس جمال مندوخيل چيو ته توهان جي مرضي موجب فل ڪورٽ نٿي ٺهي سگهي، جڊيشل ڪميشن آئيني بينچ ۾ ججن کي نامزد ڪندي آهي، وڪيل فيصل صديقي چيو ته 26هين آئيني ترميم اختيارن جي ورهاست جي اصول جي خلاف آهي، وڪيل عزير ڀنڊاري چيو ته 26هين ترميم پاس ٿيڻ وقت ايوان نامڪمل هو، جسٽس مندوخيل پڇاڻو ڪيو ته 26هين آئيني ترميم لاءِ ووٽنگ ڪل ميمبرن تي ٿي يا موجود ميمبرن تي؟، وڪيل صلاح الدين چيو ته اختر مينگل جي درخواست ۾ ترميم جي حالتن جو نقشو چٽو ڪيو ويو آهي، اسيمبلي ميمبر ووٽنگ ۾ ڪيترو آزاد هئا، اهو به نظر ۾ رکيو وڃي، جسٽس عائشه ملڪ چيو ته مخصوص سيٽن جي فيصلي تي عمل ناهي ٿيو، وڪيل صلاح الدين چيو ته ايوان مڪمل نه هو ته ترميم ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟ وڪيل شاهد جميل چيو ته آئين ۾ ترميم جو اختيار رڳو عوام جي حقيقي نمائندن کي آهي، جسٽس محمد علي مظهر چيو ته توهان چاهيو ٿا ته چونڊن فيصلن جو انتظار ڪيو وڃي پوءِ آئيني ترميم ڪيس ٻڌو؟ اهڙي طرح آئيني ترميم جو ڪيس گهڻي عرصي تائين التوا ۾ رهندو، سپريم ڪورٽ 26هين آئيني ترميم بابت ڪيس جي ٻڌڻي 3 هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.