ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ ڪابينا جي فيصلي مطابق يونيورسٽين جي وائس چانسلرز جي مقرري کي بهتر بڻايو ويو آهي، هاڻي اهو طريقيڪار اختيار ڪيو پيو وڃي ته استاد، پروفيسر سان گڏ ڪو ريٽائرڊ ۽ لاڳاپيل شعبي جو ماهر پڻ وائس چانسلر جو اميدوار ٿي سگهي ٿو، موجوده نظام تحت ڪنهن به پروفيسر کي وي سي مقرر ڪري سگھجي ٿو، پروفيسرز جي وي سي طور مقرري جو قانون به پاڪستان پيپلز پارٽي ئي ٺاهيو هو، ائين ناهي جو ڪو پروفيسر وي سي مقرر نٿو ٿي سگهي پر ان کي وڌيڪ وسيع ڪيو ويو آهي.سوشل ميڊيا ڊائريڪٽوريٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي جا اڳوڻا وي سي علامه آءِ آءِ قاضي، مظهر الحق صديقي، نثار صديقي، مهراڻ يونيورسٽي جا مظفر شاهه بيوروڪريٽ هئا، پر کين وي سي مقرر ڪيو ويو،سنڌ ۾ پهرين 8 يونيورسٽيون هيون، اڄ 30 يونيورسٽيون آهن، درخواست گذار محدود ٿي ويندا ته پوءِ ڇا ڪنداسين، نئين طريقيڪار مطابق عمر جي حد 62 سال رکڻ ۽ لاڳاپيل فيلڊ ۾ پي ايڇ ڊي جي شرط آهي، سڀني اسٽيڪ هولڊرز کان درخواست آهي ته سنڌ حڪومت سان سھڪار ڪن.ھن چيو تھ گذريل ڏينھن ھڪ واپاري اڳواڻ ھڪ وفاقي وزير جي موجودگي ۾ ڪجھھ ريمارڪس ڏنا، اُن تي چوڻ چاھيندس تھ پنجاب بھ اسان جو صوبو آھي ۽ پنجاب ۾ موٽر ويز جي ترقي ٿي رھي آھي تھ آئون ھي چوڻ چاھيندس تھ وفاقي حڪومت گھڻي ڀاڱي پنجاب جي پارٽين جي ئي رھي آھي اُنھن موٽر ويز تي ڌيان ڏنو، جڏھن تھ سنڌ جي موٽر ويز جي حوالي سان زيادتي ٿي آھي، اسان وٽ فھرست موجود آھي، پر وزير اعليٰ جي ڀيٽ ڪرڻي آھي تھ مختلف ميگا پروجيڪٽس کي ڏسڻو پوندو، سنڌ صوبي ۾ توانائي جي شعبي ۾ ٿر ڪول جھڙن منصوبن تي ڪم ٿيو، صحت جي شعبي ۾ سنڌ صوبو سڀني کان اڳتي آھي، سنڌ سرڪار روڊن جي بھتري لاءِ ڪم ڪري رھي آھي، سنڌ جي يونيورسٽيز ۾ بھترين تعليمي خدمتون فراھم ڪيون پيون وڃن، سولرائزيشن جي منصوبي تحت سنڌ جي لکين ماڻھن کي سستي ترين سولر بجلي فراھم ڪرڻ جي منفرد منصوبي تي ڪم ٿي رھيو آھي، ھن چيو تھ سپريم ڪورٽ ۾ سنڌ سرڪار جا 180 ارب رُپيا ايڪسائز کاتي جي سيس ٽيڪس جا ڦاٿل آھن، سيس ٽيڪس جي اھا رقم سنڌ سرڪار کي ملڻ گھرجي، ھڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو تھ چيني شھرين جي حوالي سان گھرو وزير ۽ آءِ جي سنڌ اڳواٽ ئي وضاحت ڏئي چُڪا آھن، اسان چيني شھرين جي تحفظ کي پنھنجي جان کان بھ وڌيڪ عزيز سمجھون ٿا.