ڪراچي(رپورٽر )عوامي نيشنل پارٽي جي مرڪزي صدر ايمل ولي خان شاهي سيد سان گڏ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان بلاول هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران بلاول ڀٽو زرداري ۽ ايمل ولي خان خيبرپختونخواهه جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ٻنهي اڳواڻن خيبر پختونخواهه۾امن جي بگڙجندڙ صورتحال تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري ۽ ايمل ولي خان خيبرپختونخواهه، خاص طور تي ڪرم ۾ امن امان جي خراب صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ پير مظهرالحق پنهنجي فرزندن سنڌ اسيمبلي ميمبر پير مجيب الحق ۽ ميونسپل ڪميٽي چيئرمين دادو پير دانش الحق سان گڏ بلاول هائوس ۾بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ دادو جي عوامي مسئلن ۽ انهن جي حل بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.قومي اسيمبلي ميمبر سيد ابرار علي شاهه بلاول هائوس ۾ بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي، ان دواران محراب پور جي عوامي مسئلن ۽ انهن جي حل تي بحث ڪيو ويو.سنڌ جي وڏي وزير جي سماجي تحفظ بابت خاص مددگار سرفراز راڄڙ پنھنجي پٽ ۽ چيئرمين يونين ڪائونسل کپرو صدام راڄڙ سان گڏ سانگهڙ جي ماڻهن جي مسئلن ۽ انهن جي حل بابت بريفنگ ڏني سنڌ حڪومت جي سينئر وزير شرجيل ميمڻ بلاول هائوس ۾ بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران صوبي جي سياسي ۽ انتظامي معاملن تي بحث ڪيو ويو.