توهين عدالت جا نوٽيس ختم ٿيڻ گهرجن، روز جو تماشو ختم ڪرڻ چاهيون ٿا\جسٽس جمال مندوخيل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ/ م ڊ) توهين عدالت ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي ايڊيشنل رجسٽرار جي 2 رڪني بينچ جي فيصلي تي ٻڌڻي ڪندي جسٽس جمال مندو خيل چيو ته جنهن طريقي سان کيس توهين  عدالت جو ذميوار قرار ڏنو ويو آهي،  هو ڪميٽي جي اجلاس ۾ نه ويندو. جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته جج هجن يا سياستدان، ڪنهن به تاريخ مان سبق ناهي سکيو. سپريم ڪورٽ جي 6 رڪني بينچ ايڊيشنل رجسٽرار نذر عباس کي جاري ڪيل شوڪاز نوٽيس خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل جي ٻڌڻي ڪئي.  ٻڌڻي دوران 2 رڪني بينچ جي توهين عدالت واري فيصلي تي ردعمل ڏيندي جسٽس اطهر من الله چيو ته مسئلو آهي، ان فيصلي کي اسان جي سامهون چئلينج ناهي ڪيو ويو، فيصلي تي نظرثاني تڏهن ئي ڪري سگهون ٿا جڏهن ان کي چئلينج ڪيو ويندو. جسٽس شاهد وحيد چيو ته جيڪڏهن پاڻ مرادو نوٽيس وٺڻو آهي ته ان جو اختيار آئيني بينچ وٽ آهي. جسٽس مسرت هلالي رمارڪس ڏيندي چيو ته الله نه ڪري ڇا هن وقت اسان سڀ توهين عدالت ته نه ڪري رهيا آهيون؟ ان موقعي تي جسٽس جمال مندوخيل چيو ته هاڻي اهو فيصلو عدالتي ملڪيت آهي.  هڪ دفعو سڄي معاملي تي نظر وجهون ته روز جو تماشو ختم ٿي وڃي. اچو ته ڏسون ته توهين عدالت جي اها ڪارروائي ڪيئن شروع ٿي.  ڇا ڪميٽين جا فيصلا هن بينچ آڏو چيلينج ڪيا ويا؟  جسٽس جمال مندوخيل چيو ته روز ٻڌندو آهيان ته مفادن جو ٽڪراءُ آهي ان ڪري اسان کي نه ويهڻ گهرجي، آئيني بئنچ ۾ شامل ٿيڻ سان اسان کي ڪهڙيون مراعتون مليون آهن؟ اسان روز ٻه بينچ هلائي رهيا آهيون، ٻه ڳالهيون پڙهي رهيا آهيون، ڇا اهو مفادن جو ٽڪراءُ آهي؟ جسٽس مندوخيل رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن آئيني بئنچ ۾ ويهڻ اسان جو مفاد آهي ته پوءِ جيڪي شامل نه ٿيندا اهي متاثر ٿيندا، مفادن جو ٽڪراءُ رکندڙ ۽ متاثر ٻئي ڪيس نٿا ٻڌي سگهن، اهڙي صورت ۾ پاڙيسري ملڪ جا جج هوندا. ڪنهن کي ٻڌايو وڃي ته آئيني بينچ ۾ ويهڻ مان ڪهڙو فائدو؟ اسان جو مفاد صرف آئين جو تحفظ آهي. جسٽس جمال مندوخيل وڌيڪ چيو ته جنهن انداز ۾ مون کي توهين عدالت جو ڏوهه قرار ڏنو ويو آهي، ان ۾ ڪميٽي جي اجلاس ۾ نه ويندس، توهين عدالت جي نوٽيسز جو سلسلو ختم ٿيڻ گهرجي، تنهن ڪري چاهيان ٿو ته اهڙا حڪم جاري نه ڪيا وڃن. مستقبل ۾ ايندڙ ساٿي ججن کي توهين عدالت کان بچڻ چاهيون ٿا. جسٽس اطهر من الله چيو ته اڄ هڪ سينيئر سياستدان جو بيان ڇپيل آهي ته ملڪ ۾ جمهوريت ناهي، اهو بيان آهي ته ملڪ آئين موجب نه هلي رهيو آهي، بدقسمتي سان نه ججن تاريخ مان سبق سکيو، نه سياستدانن ۽ نه ئي قوم، جڏهن 6 ججن جو عدليه ۾ مداخلت بابت خط آيو ته سڀني اکيون ٻوٽي ڇڏيون. جڏهن ته 6 ججن جي مداخلت جو خط آيو عدليه، سڀني اکيون ٻوٽي ڇڏيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.