ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڪراچي ويسٽ جي عدالت پنهنجي مڙس کي بجلي جا شاڪ ڏئي قتل ڪرڻ واري ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار جي دوست غلام نبي عرف ديدار کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي، عدالت مڙس جي قتل ۾ ملوث عورت کي عمر قيد جي سزا به ٻڌائي، جڏهن ته ٻنهي جوابدارن تي 5-5 لک رپيا ڏنڊ به لاڳو ڪيو ويو. عدالت چيو ته ڏنڊ جي رقم مقتول جي وارثن کي ادا ڪئي ويندي ، 2019 ۾، هن پنهنجي مڙس کي پنهنجي دوست سان گڏ قتل ڪيو ۽ قتل کي خودڪشي جي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. جڏهن ته مقتول جي وارثن سندس جسم تي نشان ڏسي ڪيس داخل ڪرايو، عدالت ڪيس جي مڪمل ٻڌڻي کانپوءِ ٻنهي جوابدارن کي سزا ٻڌائي.