ڪراچي(رپورٽر)ايڊيشنل سيشن جج ڏکڻ ارشاد حسين جي عدالت ۾ التمس اسپتال ۾ گائني ڊاڪٽرياڻي جي نااهلي سبب غلط آپريشن ٿيڻ جو انڪشاف، متاثر عورت ويل چيئر تي عدالت پهچي وئي، متاثر عورت چيو ته ڊاڪٽر فوزيه جو لائسنس رد ڪيو وڃي، متاثر عورت پاران ڊاڪٽر فوزيه ميمڻ تي غلط آپريشن ڪري پيشاب جي لائن ۽ گردي کي ڪٽ ڏيڻ جو الزام هنيو ويو، متاثر عورت عدالت ۾ ٻيا ڪيس به خراب ٿيڻ جا انڪشاف ڪيا، ڊاڪٽر فوزيا غلط آپريشن ڪري منهنجي پيشاب جي لائن ۽ گردي کي نقصان پهچايو آهي، منهنجي جان کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي، حالت خراب هجڻ سبب آغا خان اسپتال جي ايمرجنسي روم ۾ آندو ويو، جتي 6 ڪلاڪن جي آپريشن کانپوءِ ڊاڪٽرن جي ٽيم ٻڌايو ته گردي ۽ پيشاب جي لائن کي نقصان پھتل آهي، ڊاڪٽر ۽ التمس اسپتال جي انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪري مون کي انصاف ڏنو وڃي ته جيئن ٻئي ڪنهن جي زندگي بچي سگهي، ڊاڪٽر فوزيه جي وڪيل چيو ته گردي کي ڪٽ ۽ پيشاب جي ٿيلهي ڪٽي وئي، ميڊيڪل رپورٽ ۾ اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي، درخواستگذار عورت جو مڙس ڊپٽي اٽارني جنرل آهي، هن پنهنجي پاور جو غلط استعمال ڪندي ايف آءِ آر داخل ڪرائي آهي، منهنجي مئوڪل تي ڪوڙو الزام لڳايو ويو آهي، آغا خان کان ڪا به رپورٽ ناهي ملي، ڊاڪٽر فوزيه ميمڻ پروفيشنل ڊاڪٽر آهي جيڪا 20 سالن کان پريڪٽس ڪري رهي آهي، عدالت ٻڌڻي دوران ٻنهي ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ڪيس جي ٻڌڻي 15 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.