ڪنڌڪوٽ واسي 20 کان وڌيڪ هندو خاندان ڌرتي ماءُ کي الوداع ڪري هميشه لاءِ ڀارت روانا

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ :عرفان علي کوسو)ڪنڌڪوٽ ۾ بدامني جو راڳ جاري و ساري تيزي سان لڏپلاڻ وارو سلسلو جاري.ڪنڌڪوٽ شهر مان راڪيش ڪمار. گوپند ڪمار.وڪرم ڪمار سميت 20 کان وڌيڪ هندو خاندان لڙڪ لاڙيندا جنم ڀومي ڇڏي هميشه لاءِ انڊيا روانا ٿي ويا.هندو خاندان جا فرد پنهنجي پنهنجي جنم ڀومي ڇڏڻ وقت پنهنجي پيارن سان روئيندي روئيندي انڊيا روانا ٿي ويا.ان سلسلي ۾ هندو برادري جو چڳو مڙس ڊاڪٽر ميهرچند جو چوڻ هو ته ضلعي ۾ امن و امان بحال نه ٿيو هندو خاندان تيزي سان لڏپلاڻ ڪري هند وڃي رهيا آهن.ڪنڌڪوٽ مان اناج منڊي جا واپاري ڪنڌڪوٽ ڇڏي ويا رائيس ملون بند ٿي ويون.هندو خاندان جي تيزي سان لڏپلاڻ تي چونڊيل نمائندن توڙي سنڌ حڪومت کي ڪوبه فرق نه ٿو پوي.چند ئي مهينن اندر ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ مان هندو خاندان هتان لڏي ويندا.هندو هتان جي ضلعي جا سونهن آهن پوري ضلعي اندر هندو برادري جا ڪاروباري مرڪز آهن هندو هتان ڇڏي ويا ته هي ضلعو تباهه ٿي ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.