عمران جا سڀ حربا ناڪام، آزادي لاءِ بشريٰ بي بي جون ملاقاتون لاڀائتيون ٿينديون

اسلام آباد(نجم سيٺي) پي ٽي آءِ ۽ حڪومت وچ ۾ ڳالهين جو ٽيون دور ٿيندو. ٻئي ڌريون چپ نه ٿينديون حڪومت طرفان به ڪيس ٺاهيا پيا وڃن ته عمران خان به سخت ٽوئٽ ڪري رهيو آهي.اڳتي هلي عدالتون ٽف لائين وٺنديون. عالمي برادري کان پريشر به ايندو. عمران خان جي ڪوشش آهي ته انٽرنلي ۽ ايڪسٽرنل پريشر آندو وڃي اندرين خاني وارو ته ناڪام ٿي ويو آهي. هن رخ ڏنو آهي ته عالمي انساني حقن جي تنظيمن سان له وچڙ ۾ اچو ان جي ڪري ٻاهرين پي ٽي آئي گهڻي ايڪٽو آهي ۽ پاڪستان اندر پي ٽي آئي نرم ٿي وئي آهي ۽ ماٺ آهي. عمران جيڪو رليف چاهي ٿو اهو پريشر وسيلي نه ملندو. سندس مطالبو جڊيشل ڪميشن جو آهي جيڪو کيس ڪنهن وقت ملي ويندو.جيڪو هي ڏيندا سو کيس  قبول نه هوندو.حڪومت کي چيو ويو آهي ته هن کي سياسي طور تي هينڊل ڪيو. سو حڪومت به مجبور آهي. مون کي نه ٿو لڳي عمران خان جي اسٽريٽجي ڪامياب ٿيندي.عمران خان چيف جسٽس کي ٽارگيٽ ڪيو آهي ٻين جي تعريف ڪئي آهي. جنهن کي هي ٽارگيٽ ڪندو آهي اهو ٿورو بيڪ فٽ تي هليو ويندو آهي.هر ڪوئي ڊڄندو آهي ته فيملي جي خلاف نه ڪا ڳالهه ٿي وڃي.اين آر او نه ٿيندو. پي پي جي سينئر ليڊرشپ اهڙي ڳاله ناهي ڪئي. اها عمران جي خلاف ۽ اسٽبلشمنٽ جي حق ۾ ويندي.پي  پي عمران خان  خلاف به نه ويندي ۽ اسٽبلشمنٽ سان به گڏ هلندي.پي پي پنهنجا آپشن کليل رکيا آهن ته اگر سڀاڻي عمران جو وارو اچي ته آپشن کليل هجن.راناثنا اڻ سڌي ريت چئي رهيوآهي ڊيل لاءِ تيار آهيون، پر ڊيل اها آهي ته اليڪشن جو انتظار ڪريو چار سالن تائين. پر عمران ته هاڻي ئي چونڊون گهري ٿو پي ٽي آئي پارٽي ناهي اها بس عمران خان هلائي رهيوآهي ان جي ڪري ئي ان جو اليڪشن ڪميشڻ سان ڦڌو به ٿيو هيو.پارٽي اندر نه عليمه جي اهميت آهي نه مروت جي اصل اهميت بشريٰ بي بي جي آهي. بيرسٽر گوهر چيو ته عمران خان چيو لکي ڏيو. پر هنن لکي نه ڏنو آهي مٿان وري اچي ويو ته وڃي عالمي ادارن سان ملو.ڀٽو جي ٽرائل کي ڪيترا ماڻهو ٻاهران آيا هئا پر ڪهڙُو فرق پيو. انٽرنيشنل آبزرور آيا پر نه ضيا تي فرق پيو نه ڪورٽس تي.ٽرمپ جي ويجهن حلقن کي چيو ويو آهي ته في الحال بيان بازي نه ڪريو.القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ هن فيصلي ۾ عمران کي سزا ڏيندو ڪيبنيٽ کي نه ڏيندئو ته سمجه ۾ نه ٿو اچي اهو ڪيئن ٿيندو. ايندڙ ٻه ڏينهن ويوئرز غور سان ٽي وي ڏسن.ٽي وي تي تفصيل اچڻ شروع ٿين هن ڪيس جا ته سمجهو ماحول تيار ٿئي ٿو ته سزا ٿيندي. ڪيبنيٽ لفافو نه ڏٺو پر منظوري ڏني. سزا ته ڏئي ڇڏيندا پر مٿي مسئلا خراب ٿيندا.لکين ماڻهو يورپ پهچي ويا آهن  جنهن جي ڪري اتي بار وڌي ويو آهي ان جي ڪري  رائٽ ونگ موومينٽس شروع ٿي ويون آهن. هن وقت ڪينيڊا ۾ اهڙا ماڻهو اچي ويا آهن جيڪي اسڪلڊ ناهن ۽ اهي مفت ۾ ويٺا آهن. مسلمان ملڪن تي حملا ٿيا  سيرين هجن ترڪش هجن پاڪستاني هجن اٿوپين هجن اهي انهن يورپي ملڪن ۾ پهتا آهن جنهن جي ڪري ريس ازم فاش ازم جي ڳاله ٻيهر شروع ٿي وئي آهي.غريب ملڪن جا ماڻهو اتي پهتا آهن جنهن جري انهن حڪومتن تي بار وڌي ويو آهي ۽ رائٽ ونگ موومينٽس وڌيون آهن.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، ڇنڇر 11 جنوري 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.