اسلام آباد (بيورو /م ڊ) سپريم ڪورٽ ۾ فوجي عدالتن ۾ سولين جي ٽرائل بابت انٽرا ڪورٽ اپيل تي سماعت دوران جسٽس مسرت هلالي رمارڪس ڏيندي چيو ته 9 مئي 2023 جي پرتشدد احتجاج ۾ جوابدارن کي فوجي تحويل ۾ رکڻ وقت بنيادي حق معطل نه هئا ۽ نه ئي ايمرجنسي لڳي هئي. جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ ست رڪني آئيني بينچ فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جي ٽرائل جي فيصلي خلاف انٽرا ڪورٽ درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. بينچ ۾ جسٽس جمال خان مندوخيل، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس سيد حسن اظهر رضوي، جسٽس مسرت هلالي، جسٽس نعيم اختر افغان ۽ جسٽس شاهد بلال حسن شامل آهن. بچاءَ واري وزارت جي وڪيل خواجا حارث ڪالهه به دليل جاري رکندي چيو ته عام شهرين جو ملٽري ٽرائل ڪالعدم قرار ڏيڻ وقت آرٽيڪل 233 جي غلط تشريح ٿي، پنج رڪني لارجر بينچ بنيادي حق معطل ٿيڻ جو تاثر ورتو، بنيادي حق ايمرجنسي جي صورت ۾ معطل ٿيا هئا. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته هن ڪيس ۾ ته بنيادي حق معطل ٿيڻ جو ڪو تعلق ناهي، پرويز مشرف دور ۾ اپيل جو حق نه ڏئي ڪري حق معطل ٿيا هئا، جنهن تي وڪيل خواجا حارث چيو ته آرٽيڪل 8 ٿري موجب جتي ذڪر آهي اهو مڃن ٿا. جسٽس امين الدين سوال اٿاريو ته هن معاملي ۾ ايمرجنسي واري ته ڪا ڳالهه ناهي؟. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته بنيادي حق معطل ڪرڻ لاءِ ايمرجنسي هئڻ ضروري آهي، هي معاملو مختلف آهي ته عام شهرين جو ٽرائل ٿي سگهي ٿو يا نه. وڪيل خواجا حارث چيو ته سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي آرٽيڪل 233 کي غير اثرائتو ڪري ڇڏيو، آرٽيڪل 233 جو فوجي عدالتن جي ڪيس سان ڪو تعلق نه هو. وڪيل خواجا حارث چيو ته آرٽيڪل 233 کي آرٽيڪل 8 پنج جي تشريح درست ثابت ڪرڻ لاءِ ڇيڙيو ويو، آرٽيڪل 233 تحت صدر ايمرجنسي لاڳو ڪري بنيادي حق معطل ڪري سگهي ٿو. جسٽس امين الدين خان چيو ته بنيادي حقن جو عدالتن ۾ دفاع ٿي سگهي ٿو، رڳو عملداري معطل ٿيندي آهي. جسٽس مسرت هلالي چيو ته موجودا ڪيس ۾ جوابدارن کي فوجي تحويل ۾ ورتو ويو ته بنيادي حق معطل هئا نه ايمرجنسي لاڳو هئي. وڪيل خواجا حارث چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته عمل ڪرائڻ کي روڪڻ بنيادي حق معطل ڪرڻ برابر آهي، آرٽيڪل 233 ۾ بنيادي حق معطل ڪرڻ جي ڳالهه ناهي، آرٽيڪل 233 ۾ ايمرجنسي جي صورت ۾ بنيادي حق معطل ٿيڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي. جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏنا ته صدر وٽ اختيار آهي ته بنيادي حق معطل ڪري سگهي، ايگزيڪٽيو صدر مملڪت جي آرڊر تي عمل ڪرائيندا آهن، اهي سمورا اختيار ايگزيڪٽيو جا آهن ته ڪو ٻيو ڪيئن هن معاملن کي ڏسي سگهي ٿو. جسٽس جمال مندو خيل، خواجا حارث کي مخاطب ٿيندي چيو ته اڳوڻي چيف جسٽس غلام محمد مرزا وڪيل کي چيو هو دليل سٺا هئا پر هو متاثر ناهي ٿيو، هن معاملي ۾ هن جي به اوهان کان اها ئي شڪايت آهي.ٻڌڻي دوران آئيني بينچ 9مئي جي مخصوص جوابدارن جي ملٽري ٽرائل تي سوال اٿاريا. جسٽس مسرت هلالي چيو ته اهو ڪير طئي ڪندو ته ڪنهن جو ٽرائل ملٽري ڪورٽن ۾ ٿيندو ڪنهن جو نه؟. جسٽس محمد علي مظهر رمارڪس ڏنا ته 9 مئي جي سمورن جوابدارن جي ايف آءِ آر ته هڪ جهڙي هئي، اهو فرق ڪيئن ٿيو ڪجهه جو ٽرائل ملٽري ڪورٽ ۾ ٿيندو، ڪجهه جو دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٿيندو؟. جسٽس جمال مندوخيل پڇاڻو ڪيو ته خواجا صاحب 9 مئي جا ٽوٽل ڪيترا جوابدار هئا، جن جوابدارن کي ملٽري ڪورٽن ۾ اماڻيو ويو، انهن بابت دهشتگردي ٽوڙ عدالت جو آرڊر ته ڏيکاريو. جسٽس جمال مندوخيل پڇا ڪئي ته ملٽري ڪسٽڊي وٺڻ جو پراسيس ڪير شروع ڪندو آهي؟. جسٽس مسرت هلالي چيو ته آئين معطل ڪرڻ کانسواءِ سويلين جي فوجي ٽرائل جو هڪ مثال پيش ڪيو وڃي. جسٽس حسن اظهر رضوي چيو ته جي ايڇ ڪيو ۽ ڪراچي بيس سميت مختلف ٿاڪن تي ماضي ۾ دهشتگرد حملا ٿيا، ٻڌايو ته انهن حملن جو ڪٿي ٽرائل ٿيو؟، هڪ آرمي چيف جو جهاز هاءِ جيڪ ڪرڻ جي سازش جو ڪيس ٺهيو هو، خواجا صاحب اهو ڪيس عام عدالت ۾ هليو، اوهان هڪ ڌر جا وڪيل هئا، انهن سڀني جو ٽرائل عام عدالتن ۾ ٿيو ته 9 مئي وارن اهڙو ڇا ڪيو ته ملٽري ڪورٽن ۾ وڃن؟.