پشاور(م ڊ)خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اڄ تائين رڳو چار صوبا هلي رهيا آهن، جيڪڏهن صوبا ننڍا ڪيا وڃن ته 90 سيڪڙو مسئلا حل ٿي ويندا.پشاور ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته عمران خان سان به اها ڳالهه ڪندو رهيس پر بدقسمتي سان هر ڪو بادشاهت جي چڪر ۾ آهي ۽ وڏا اختيار چاهي ٿو،هن چيو ته جيڪڏهن صوبن جو دائرو گهٽايو وڃي ته ملڪ جا نوانوي سيڪڙو مسئلا پاڻمرادو حل ٿي ويندا،ترقي لاءِ اختيارن جي ورڇ ضروري آهي پر اسان ان طرف نه پيا وڃون